ديس

ديس (راڳڻي): هيءَ هڪ راڳڻي آهي، جيڪا کماچ ٺاٺ جي اوڍو سمپورن راڳڻيءَ ۾ شمار ٿئي ٿي. هن جي آروهيءَ ۾ گنڌار نه لڳائبو آهي. هن جي امروهيءَ ۾ گنڌار ڳايو وڃي ٿو، جيڪو هن راڳڻيءَ کي سورٺ کان الڳ ڪري ٿو. ڪي راڳي هن راڳڻيءَ جي امروهيءَ ۾ ڪومل گنڌار هڻي به هن کي سورٺ کان الڳ ڪندا آهن. هن جي آروهيءَ ۾ سورٺ وانگر رکب ۽ ڌيوت ورج نه هوندا آهن. هن راڳڻيءَ جو قياس سرپنچم آهي. هن راڳڻيءَ کي ڳائڻ وقت سورٺ کان جدا ڪرڻ راڳين لاءِ نهايت مشڪل هوندو آهي. هن راڳڻيءَ جي آروهي: ساري- ماپا- ناڌي- پاني- سا، امروهي: سانا ڌي پا، ما گي ري سا، خاص تانَ: گي- ساري- ما- ناڌي پا- ماگي ري سا- ني سا، وادِي سُر ’رکب‘ ۽ سموادي سُر ’نکاد‘ آهي. هيءَ راڳڻي رات جي ٻئي پهر ۾ ڳائبي آهي.


لفظ ديسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو