ڊاڪٽر آخوند ھدايت الله  پريم

ڊاڪٽر آخوند ھدايت الله پريم

ھدايت ﷲ پريم آخوند ڊاڪٽر

ھدايت ﷲ ’ پريم‘آخوند، ڊاڪٽر: هدايت پريم جي قلمي نالي سان لکندڙ هن اديب ۽ استاد جو پورو نالو ڊاڪٽر ھدايت ﷲ آخوند آھي. 24 مارچ 1946ع تي تعلقي اوٻاوڙي، ضلعي سکر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم روھڙيءَ مان حاصل ڪيائين. اعليٰ تعليم اسلاميہ ڪاليج سکر مان ۽ ايم.اي سنڌي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1973ع ۾ ڪيائين. ھن جا ٽي ڪتاب: ’سنڌي ٻوليءَ جا محقق‘، (ٻہ ڇاپا، ٻيو ڇاپو وڌايل سڌاريل 2007ع) ’ٿر جي ٻولي‘ (پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي سان گڏ لکيل ڪتاب: 1995ع)، ۽ ’اترادي ٻولي ‘:(1996ع) شايع ٿي چڪا آھن. ان کان سواءِ ھدايت صاحب اٽڪل 80 کن مقالا پڻ لکيا، جن جو موضوع گهڻو ڪري لسانيات، سوانحيات ۽ ادب آھي، ھن صاحب 16 ڪھاڻيون پڻ لکيون، جيڪي مختلف رسالن ۾ ڇپجي چڪيون آھن. هن جو هڪ ناول ”ازابيل“ 2006ع ۾ پڻ ڇپجي چڪو آهي. ھدايت آخوند، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1979ع ڌاري ليڪچرر طور مقرر ٿيو. 1986ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. 1987ع ۾ لنڊن جي اسڪول آف اوريئنٽل ائنڊ آفريڪن اسٽڊيز ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو، جتان 1989ع ڌاري لسانيات ۾ ڊپلوما ڪري وطن واپس آيو. 1995ع ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو تاريخي پسمنظر“ جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي، پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جي رهبريءَ ۾ پي ايڇ. ڊي ڪيائين. کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1997ع ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر طور ترقي ڏني وئي. ھدايت آخوند 2000ع ۾ سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جو چيئرمئن ٿيو ۽ ساڳئي سال شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ قائم سچل چيئر جي بورڊ آف گورنرس جو ٽن سالن لاءِ ميمبر پڻ مقرر ٿيو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت سان بہ لاڳاپيل رھيو. 2006ع ۾ رٽائر ڪيائين. هو 2000ع ۾ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشوري جو سيڪريٽري پڻ چونڊيو. ادبي سنگت جي پلئٽ فارم تان ھن ڪيترائي علمي ۽ ادبي پروگرام ڪرايا. هائر ايڊيوڪيشن ڪميشن پاران تجربيڪار پروفيسر طور سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تحقيقي پراجيڪٽ تي 2007 کان 2009 تائين ڪم ڪيائين. ڊاڪٽر ھدايت ﷲ پريم 20 جنوري 2021ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.03.24  عيسوي

ھدايت الله ’ پريم ‘ ، ڊاڪٽر 24 مارچ 1946ع تي تعلقي اوٻاوڙي ، ضلعي سکر ۾ پيدا ٿيو .


2021.01.20  عيسوي

ڊاڪٽر ھدايت الله پريم 20 جنوري 2021ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابو اسحاق ابراهيم بن سنان
رتناگر شيرين
مير نور محمد ٽالپر ڊاڪٽر
پرڀداس ويرواڻي
راهب شاھہ شيرازي
اسد ﷲ ڀٽو پروفيسر
الھہ بخش جنجهڻ
تاجل بيوس
جلال الدين مخدوم جھانيان جھان گشتت
فياض لطيف ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون