
ڪانڌرا گردوارو
ڪانڌرا گردوارو: روهڙي شھر جي پسگردائيءَ ۾ سِکن جو گردوارو آهي، جتي سک مذهب جا ماڻهو عبادت ڪندا آهن. هي گردوارو روهڙي شھر جي هڪ دڪاندار ٿرياسنگهہ ٺھرايو هو. هي شاندار گردوارو ٽن منزلن تي مشتمل آهي. سراسري طور گردوارو شاندار ۽ سٺو سنڀاليل آهي. مھاڙيءَ تي ٺھرائيندڙ جو نالو سنڌي ۽ ديوناگريءَ ۾ لکيل آهي.