زرداري ڦوٽو خان

زرداري ڦوٽو خان

ڦوٽو زرداري

ڦوٽو زرداري: ڦوٽو خان ولد شير محمد زرداري 1956ع ڌاري ڳوٺ عالم خان زرداريءَ لڳ سرهاڙي، تعلقي شھدادپور، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو، ڦوٽي زرداريءَ جو جنم هڪ غريب گهراڻي ۾ ٿيو. سندس تعليم معمولي هئي. ننڍپڻ کان ئي راڳ سان دلچسپي هئس. مشھور فنڪار مصري فقير کان گهڻو متاثر هو. راڳ جي باقاعدي تعليم عبد علي فقير کان ورتائين. آسا، ڪاموڏ، تلنگ، ڪوهياري، ڀيروي، پھاڙي ۽ راڻي جي راڳڻين جي چڱي ڄاڻ هئس. ريڊيو پاڪستان ۽ ٽيليويزن تي سندس ڪيترائي ڪلام رڪارڊ ٿيل آهن، هن 16 مارچ 1996ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1996.03.16  عيسوي

ڦوٽي خان زرداريءَ 16 مارچ 1996ع تي وفات ڪئي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڌائي الهوڌائي
خادم حسين سمو
آصف مھدي
سوڍو جوڳي
غلام شاھہ سيد2
شاھہ محمد شاھہ2
پٺاڻي خان
سڄڻ مڱڻهار
بالي/گولي
پنھون فقير
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون