سرهندي پير بهاءُ الدين بها

سرهندي پير بهاءُ الدين بها

پير بھاءُ الدين بھا سرهندي

پير بھاءُ الدين بھا سرهندي: موسيقيءَ جي ماهر ۽ شاعر، پير بھاءُ الدين ’بھا‘ جو پورو نالو پير بھاءُ الدين ولد پير نثار احمد سرهندي آهي. سندس خاندان مشھور پير طريقت، حضرت مجدد الف ثانيءَ جي اولاد مان آهي. پير بھاءُ الدين جو والد مٽياريءَ جي بزرگ آغا عبدالرحيم سرهنديءَ جو پوٽو آهي. آغا صاحب جي درگاھہ هزارين عقيدتمندن جي فيض جو سرچشمو رهي آهي ۽ اڄ بہ هزارين عقيدتمند هن درگاھہ تان فيض حاصل ڪندا رهندا آهن. پير بھاءُ الدين، مٽياري شھر ۾، 11 مارچ 1954ع ۾ جنم ورتو. پاڻ پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين تعليم مٽياريءَ ۾ حاصل ڪيائين. مسلم ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1973ع ۾ بي. اي (آنرس) ڪيائين. 1975ع ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل. ايل. بي ڪرڻ بعد 1978ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (اقتصاديات) ڪيائين. پير صاحب زمينداري پيشي سان وابستہ آهي. سندس طريقت جي حوالي سان نقشبندي مسلڪ سان واسطو آهي. ديني علمن ۽ تصوف تي وسيع مطالعو رکي ٿو ۽ ان حوالي سان سندس شمار سنڌ جي ڳاڻ ڳڻين شخصيتن ۾ ٿئي ٿو. پير صاحب کي ننڍپڻ کان وٺي شاعريءَ جو شوق رهيو. 11-12 سالن جي عمر کان شاعري ڪيائين. شاعريءَ ۾ ’بھا‘ تخلص ڪم آڻيندو آهي. غزل تي ملڪو حاصل اٿس. سنڌي ادبي سنگت مٽياريءَ جون گڏجاڻيون ڪـيـترا سـال سـندس اوطاق تي ٿينديون رهيون. ڪاروان ادب سنڌ مٽيـاريءَ جي ادبي اجلاسن کان سواءِ ڀٽ شاھہ، هالا توڙي سنڌ اندر مشاعرن جي محفلن ۾ شرڪت ڪندو رهندو آهي. پير بھاءُ الدين ’بھا‘ هن وقت موسيقيءَ جي وڏن ڄاڻن ۾ شمار ٿئي ٿو. کيس شاعري ۽ موسيقيءَ سان ننڍپڻ کان وٺي شوق ۽ شغف رهيو. استاد منظور علي خان جي سوٽ استاد رشيد علي خان کان باقاعدي موسيقيءَ جي سکيا ورتائين. سنڌ ۾ موسيقيءَ جي وڏن ڄاڻن، پير غلام رسول شاھہ ميرپورخاص واري، پير مٺن شاھہ ۽ پير غلام حيدر شاھہ ڀٽ شاھہ واري ۽ پير محمد زمان شاھہ مٽياريءَ واري سان پير بھاءُ الدين ’بھا‘ جو جوڙ رهيو. مٽياريءَ ۾ پير محمد زمان شاھہ ۽ سندس اوطاق تي موسيقيءَ جون وڏيون وڏيون محفلون ٿينديون رهيون آهن. لاهور جا مشھور گويا حسين بخش گلو، استاد تصدق علي خان، استاد ذاڪر خان، استاد شرافت علي خان، قاضي احمد جو استاد مٺو خان ميراثي، استاد مجيد خان سارنگي نواز، استاد منظور علي خان ۽ ٻيا پير صاحب جي اوطاق تي موسيقيءَ جي محفلن ۾ اچي شريڪ ٿيندا هئا. پير محمد زمان شاھہ ۽ پير امجد شاھہ جيلانيءَ سان سندس خاص تعلقات رهيا آهن. پير صاحب لاهور ۾ ٿيندڙ آل پاڪستان ميوزڪ ڪانفرنس ۾ هر سال شريڪ ٿيندو هو، جنهن ڪانفرنس جو سيڪريٽري حيات محمد خان هو. اهي ڪانفرنسون اڃا تائين ٿينديون آهن. پير صاحب ڪيترا ڀيرا بھاولپور ۾ ٿيندڙ موسيقيءَ جي محفلن ۾ گويا وٺي وڃي شريڪ ٿيندو هو. شاھہ لطيف جي عرس تي ٿيندڙ هر سال موسيقيءَ جي محفلن ۾ باقاعدگيءَ سان شريڪ ٿيندو آهي. ٽن سالن تائين ’شاھہ لطيف اوارڊ‘ ڪميٽيءَ جو جج پڻ رهيو. صاحب جي شاعري رسالن ۽ مخزنن ۾ ڇپجندي رهي آهي، پر اڃا سندس ڪو شاعريءَ جو مجموعو شايع نہ ٿيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.03.11  عيسوي

پير بهاءُ الدين، مٽياري شهر ۾، 11 مارچ 1954ع ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جان پولن
پرسو ڀڳت
آتم ڀڳت
ڇُٽو عمراڻي
ماسٽرغلام علي موسيقار
جاحظ1
پليجو نور محمد
پريم چند منشي
ميان غلام محمد خان ڀرڳڙي
علياڻي بھادر خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون