وڪرم شھاڻي

وڪرم شھاڻي: هندستان جو نامور سنڌي اداڪار ۽ هدايتڪار وڪرم شھاڻي 21 مئي 1954ع تي خيرپور ميرس سنڌ ۾ ڄائو. ورهاڱي بعد سندس والدين هندستان هليا ويا. جتي احمدآباد ۾ رهائش پذير ٿيا. وڪرم جي تعليم بي. اي آهي. هن ڪيترن ئي سنڌي، هندي توڙي گجراتي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪري پاڻ مڃايو. سندس مشھور ناٽڪن ۾: ‘ٻوڙا اچي مڙيا’، ‘هيلٿ سينٽر’، ‘انڌير نگري’، ‘راهو ڪيوَ’، ‘چورن مٿان مور’، ‘قاتل ڪون’ ۽ ‘پاڳل’ باقي ‘اتهاس’، ‘اڪبر بادشاھہ’ ۽ ‘ڪرڻ ڀار’ قابل ذڪر آهن. سندس ڪيترائي سنڌي ناٽڪ آل انڊيا ريڊيو تان وقت بوقت نشر ٿيا. سندس ٻہ ڊراما: ‘پيغام’ ۽ ‘سنگيت’ نهايت قبول ٿيا. هن ڊرامن ۾ ڊپلوما پڻ ڪئي، جنهن ۾ فرسٽ ڪلاس آيو. هن هندستان ۾ ‘رس ڪلا’ نالي ٿيٽر جو بنياد وڌو، جنهن جو پاڻ جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. وڪرم سنڌي ٻوليءَ لاءِ هندستان ۾ پاڻ ملهايو ۽ ڊرامن ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي هٿي ڏني.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.05.21  عيسوي

وڪرم شهاڻي 21 مئي 1954ع تي خيرپور ميرس سنڌ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
شمس عباسي آپا
طائي
روگزانه
الھجڙيو شاد
آدم شاھہ ڪلهوڙو
در محمد گائنچو
جمال خاتون بيبي سيوستاني
غلام رسول انصاري
امتياز قاضي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون