نور محمد شيخ ڊاڪٽر

نور محمد شيخ، ڊاڪٽر: خلافت تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ مشھور ڊاڪٽر شيخ نور محمد، پهريان هندو هو، هن حيدرآباد جي جڳتياڻي عامل گهراڻي ۾ ديوان ريجهو مل جڳتياڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي، جنهن بعد اعليٰ تعليم لاءِ بمبئي ويو. بمبئي مان ايم. بي. بي. ايس جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ واپس حيدرآباد اچي خانگي طور ڊاڪٽري ڪرڻ لڳو. جڏهن آزادي جي تحريڪ ۽ خلافت تحريڪ جي گڏيل جدوجھد شروع ٿي تہ هن بہ ان ۾ سرگرم ٿي حصو ورتو. سن ۾ ٿيل خلافت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي، انگريزن خلاف پنھنجي تقرير ۾ سخت موقف رکيائين. 1921ع ۾ هجرت جي تحريڪ شروع ٿي، تڏهن ٻين سنڌين سان هجرت ڪري ڪابل ويو. ڪجهہ وقت اتي رهڻ کان پوءِ روس، جرمني ۽ ترڪيءَ مان ئي 1928ع ڌاري واپس سنڌ آيو. ڪجهہ وقت سنڌ ۾ رهڻ کان پوءِ جڏهن نادر شاھہ ڪابل جو بادشاھہ بڻيو، تڏهن هُن دوستي جي بنياد تي شيخ نور محمد کي ڪابل گهرائي پنهنجو شاهي ڊاڪٽر رکيو، جتي 19 سالن تائين رهيو. پاڪستان جي قيام بعد افغانستان ۽ پاڪستان جا تعلقات خراب ٿيا تہ 1948ع ۾ ڪابل کي الوداع ڪري واپس سنڌ آيو. سنڌ اچڻ بعد ڪجهہ عرصي تائين ملٽري کاتي جي ميڊيڪل شعبي ۾ نوڪري ڪيائي پر ڪن سببن ڪري کيس اها نوڪري ڇڏڻي پئي. جنهن بعد سول اسپتال حيدرآباد سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو. اتان نوڪري ڇڏڻ بعد خانگي طور ڊاڪٽري ڪيائين. هن 22 نومبر 1956ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪئي


هن صفحي کي شيئر ڪريو