ٽالپر مير حسين علي خان حسين

ٽالپر مير حسين علي خان حسين

مير حسين علي خان حسين ٽالپر

مير حسين علي خان حسين ٽالپر: مير حسين علي خان پٽ مير نور محمد خان ٽالپر حيدرآباد جي قلعي ۾ سن 1245 ھہ/1829ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ۽ تربيت شاهاڻي نموني ٿي ۽ سندس لقب ”سرڪار دولت مدار“ هو. ياڻيءَ جي جنگ کانپوءِ مير حسين علي خان پنھنجي چاچي مير نصير خان سان گڏ قيد ٿي هندستان ويو. جتان گورنر جنرل جي حڪم بعد 1859ع ۾ پنھنجي وطن موٽي آيو ۽ ٽنڊي مير نور محمد (موجودہ لطيف آباد نمبر 4) ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. جيئن تہ سندس ڏاڏو، والد ۽ ڀاءُ شاعر هئا، تنهنڪري پاڻ بہ شاعري ڪندو هو، سندس تخلص ”حسين“ هو. پنھنجي بزرگن وانگر دريا دل، سخي، غريبن جو رکوال ۽ نيڪ انسان هو. سندسن هيٺيون تصنيفون آهن:
o مناقب علوي (فارسي نثر)
o ديوان حسين (با تصوير، اردو غزلن جو مجموعو)
o ديوان حسين (فارسي ۽ اردو غزل)
o شاهد الامامت (فارسي نثر)
o لبِ لباب (فارسي نثر) مير صاحب جو ”ديوان حسين“ فني نقطہ نگاھہ کان جاذب نظر ۽ شاهڪار آهي، جنهن مان سندس ذوق ۽ فني مهارت جي خبر پوي ٿي، ديوان جي هر صفحي جي وچ تي قلمي رنگين تصوير ۽ ان جي چوڌاري اردو غزلن جا شعر تحرير ٿيل آهن. تصويرن مان ڪي مير صاحبن جون، ڪي هندستان جي شهزادن ۽ شهزادين جون، ڪي ايراني بادشاهن جون آهن. ڪجهہ طغرا خطِ ريحان، خط گلزار ۽ خط نستعليق ۾ لکيل آهن. هي ديوان هندستان جي مشھور ڪاتب منشي محمدي ”خادم“ بردواني ڪلڪتيءَ ۾ ڪتابت ڪيو. ڪلڪتي ۾ مير شھداد خان، مير حسين علي خان ۽ مير حسن علي خان ”ڪتبخانه ايشياٽِڪ سوسائٽي فورٽ وليم ڪاليج ڪلڪتي“ جي بورڊ جا ميمبر هئا. 1858ع ۾ هندوستان جي پهرئين وائسراءِ لارڊ ڪئننگ ۽ بمبئي جي گورنر بارٽل فريئر هڪ محفل ۾ مير حسين علي خان کي ”تاريخ سنڌ“ لکڻ لاءِ گذارش ڪئي. جنهن تي علامہ احمد بن عبدالحليم سانوڻي هالاڻيءَ تحفه الڪرام جي ٽئين جلد جي نهج تي ”تاريخ تحفه السلام طيز“ جي نالي 1277 ھہ/ 1860ع ۾ لکي، مير حسين علي خان جي نالي سان منسوب ڪئي. مير صاحب ڪلڪتي کان واپس اچڻ بعد مير محمد نصير خان جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ فرزند ٿيو. جيڪو ٽالپر گهراڻي جو آخري هزهائينس هو، جنهن جو نالو مير نور محمد خان ثاني هو. مير حسين علي خان تاريخ 26 ربيع الاول 1295 ھہ/ 30 مارچ 1878ع آچر ڏينهن وفات ڪئي. کيس ٻئي ڏينهن سندس اباڻي قبرستان، ”ميرن جا قبا“ ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1829.00.00  عيسوي

مير حسين علي خان پٽ مير نور محمد خان ٽالپر حيدرآباد جي قلعي ۾ سن 1245 هه/1829ع ۾ پيدا ٿيو


1878.03.30  عيسوي

مير حسين علي خان تاريخ 26 ربيع الاول 1295 هه/ 30 مارچ 1878ع آچر ڏينهن وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام مصطفي سولنگي 1
اختر انصاري اڪبرآبادي
شاھہ علي محمد
سميع بلوچ
ڦتو فقير
احمد سليم
چغدو حاجي شير محمد ’شيرل‘
الطاف عاصي ڊاڪٽر
سرڪش سنڌي
اقبال بلوچ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون