منور علي سومرو

منور علي سومرو : منور علي ولد محمد سليمان سومرو، 9 مئي 1968ع تي ڳوٺ ڀاڳو ديرو، تعلقي ڪنڊياري ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ دادو مان ڪري انٽر، بي. اي ۽ ايم. اي جون ڊگريون حاصل ڪري چڪو آهي. هن فن جي شروعات 1983ع ۾ ڪئي. منور سومرو اڄ تائين 30 کن ڊراما سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪري چڪو آهي، جن ۾ دوا اندر دم ٻاهر، ڇڙها چڱاهون، شادي بابي جي محبت زندہ آباد، ڏنو پٽ ڇٽي جو ۽ ماسات شامل آهن. منور سومري جون 4 آڊيو ڪيسٽون بازار ۾ اچي چڪيون آهن. کيس فني مڃتا طور آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ ۾ اوارڊ ڏنو ويو. ان کانسواءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو طرفان بہ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو آهي. منور سومري جو ڪيترين ئي سماجي ۽ ثقافتي تنظيمن سان واسطو آهي، جن ۾ سنڌو ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيش سواڪا، آل فنڪار ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ ٻين تنظيمن جو عهديدار ۽ ميمبر رهيو آهي. هن ڪي. ٽي. اين تي بہ مختلف ڪردار ادا ڪيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.05.09  عيسوي

منور علي ولد محمد سليمان سومرو، 9 مئي 1968ع تي ڳوٺ ڀاڳو ديرو، تعلقي ڪنڊياري ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جعفر ميرزا شيرازي مولوي
حامد شاھہ فقير
ابل فقير مهڪاڻي
آريسر عبدالغفور
روچيرام ڪامريڊ
گوتم شڪارپوري
سيد صادق علي شاھہ
شيخ ابراهيم ڪلهوڙو
اياز ڀاڳت
ٻلديو نندلال ڪالرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون