سنڌي مدد علي

سنڌي مدد علي

مدد علي سنڌي

مدد علي سنڌي: نامور اديب ۽ صحافي، مدد علي سنڌيءَ جو پورو نالو مدد علي ولد بخش قريشي آهي. هن 12 آڪٽوبر 1950ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. مدد علي سنڌيءَ پرائمري تعليم فاطمہ گرلس اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي، اهو اسڪول خلافت تحريڪ جي اڳواڻ شيخ عبدالرحيم جي وڏي ڌيءَ حاجياڻي غلام فاطمہ شيخ جو قائم ڪيل هو، انهيءَ خاتون مدد عليءَ کي پرائمري تعليم ڏياري. هن مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ۽ بي. اي سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي، جڏهن تہ ايم. اي ڪرڻ دوران سنڌ يونيورسٽيءَ مان ٻہ ڀيرا سياسي ڪيسن ۾ ريسٽيڪيٽ هئڻ سبب اها مڪمل نہ ڪري سگهيو. مدد علي، شاگرديءَ واري زماني کان سنڌ جي قومپرست سياست ۾ سرگرم رهيو. هي ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جي بانيڪارن مان آهي. 1969ع ۾ ’عوامي ليگ‘ حيدرآباد ڊويزن جو آرگنائيزر مقرر ٿيو ۽ شيخ مجيب الرحمان کيس عوامي ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي نامزد ڪيو. آڪٽوبر 1970ع ۾ ’اڳتي قدم‘ نالي سان هڪ رسالو جاري ڪيائين، جنهن رسالي تي 1973ع ۾ حڪومت پابندي مڙهي ڇڏي، جنهن کانپوءِ 1973ع کان 1978ع تائين وارو عرصو روپوشيءَ ۾ گذاريائين. ان عرصي دوران، 1975ع ۾ ان وقت جي حڪومت 72 سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي بندش لاڳو ڪئي. اُن ڪيس دوران مدد علي سنڌيءَ ۽ طارق اشرف جي گهرن تي ڇاپا لڳا ۽ ’اڳتي قدم‘ ڇپيندڙ پريس کي سيل ڪيو ويو ۽ مدد علي سنڌيءَ جي 86 سالن جي والد کي سندس بدران گرفتار ڪري، 26 ڏينهن حيدرآباد سٽي لاڪپ ۾ بند ڪيو ويو. مدد علي سنڌي، 25 مارچ 1969ع تي ملڪ ۾ ٻي مارشل لڳڻ کانپوءِ گرفتار ٿيو. مٿس الزام هو تہ هن شھر ۾ ونيونٽ ۽ مارشل لا جي خلاف نعرا هنيا هئا. آزاد ٿيڻ بعد هن شاھہ محمد شاھہ'>سيد شاھہ محمد شاھہ، اقبال ميمڻ ۽ ٻين سان گڏجي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو قومپرست گروپ قائم ڪيو ۽ سائين جي. ايم. سيد جي سنڌ متحدہ محاذ سان گڏجي ونيونٽ خلاف سياسي سرگرميون شروع ڪري ڏنيون. 1970ع جي عام چونڊن ۾ جڏهن دادو- سيوهڻ تڪ تان سائين جي. ايم. سيد قومي اسيمبليءَ جي ميمبر لاءِ اليڪشني مھم تي حيدرآباد جي هيرآباد واري علائقي ۾ ’ڀرڳڙي هائوس‘ ۾ اچي ڪئمپ قائم ڪئي تہ مدد علي سنڌي پنھنجي سجاڳ دوستن: يوسف ٽالپر، اقبال ترين، شاھہ محمد شاھہ'>سيد شاھہ محمد شاھہ، اقبال ميمڻ، شوڪت سنڌي، عبدالفتاح عبد، غلام حسين رنگريز، عبدالحئي پليجي، نوراحمد ٽالپر، ڪامريڊ محمد عمر شوري ۽ ٻين قومي ڪارڪنن سان گڏ چونڊ مھم ۾ اڳتي رهيو. مدد علي سنڌيءَ جو گاڏي کاتي وارو گهر ’مجيب محل‘ قومي سياست جو مرڪز هوندو هو. سندس گهر تي سنڌ متحدہ محاذ جو جهندو پري کان پيو نظر ايندو هو. مدد عليءَ جو وڏو ڀاءُ مرحوم ممتاز علي قريشي بہ قومي تحريڪ جو همدرد هو ۽ کين مالي سهائتا ڪندو هو. سندس والدہ جنهن کي سمورا قومي ڪارڪن ۽ خود سائين جي. ايم. سيد بہ ’امان‘ سڏيندو هو. قومي ڪارڪنن جي ماني وغيرہ جو خاص خيال رکندي هئي. بلڪ اڪثر قومي ڪارڪنن کي ڀاڙو وغيرہ بہ ڏيندي هئي. سن ويندڙ قومي ڪارڪن، حيدرآباد ۾ مدد عليءَ جي اوطاق تي، جنهن کي ’آشرم‘ ڪري سڏيندا هئا، اچي رهندا هئا. ونيونٽ خلاف 4 مارچ 1969ع تي سنڌي شاگردن جو هڪ عظيم الشان جلوس نڪتو هو، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي هئي. ونيونٽ خلاف هڪ وڏو احتجاج هو، ان جلوس ڪڍرائڻ ۾ يوسف ٽالپر، ممتاز قريشي، مسعود نوراني، اقبال ترين، شاھہ محمد شاھہ'>سيد شاھہ محمد شاھہ، حفيظ قريشي، مدد علي سنڌي، لالا قادر ۽ ٻين وڏي محنت ڪئي هئي. 1970ع ۾ عوامي ليگ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل قمرالزمان ۽ محترم قاضي فيض محمد، مدد جي وڏي ڀاءُ ممتاز علي قريشيءَ دعوت ڪئي هئي. ڊسمبر 1971ع ۾ جڏهن ملڪ ۾ عوامي ليگ تي بندش لاڳو ٿي، تہ مدد عليءَ جي گهر تي ڇاپو لڳو. جنوري 1972ع ۾ ايس. اين ايس. ايف (قومپرست گروپ) ۽ يوسف ٽالپر جي ’جيئي سنڌ نوجوان محاذ‘ کي هڪ شاگرد جماعت ۾ ضم ڪري، ان جو نالو ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ رکيو ويو. جنهن ڪم ۾ يوسف ٽالپر، اقبال ترين، شاھہ محمد شاھہ'>سيد شاھہ محمد شاھہ، ۽ مدد علي سنڌي سرگرم هئا. جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو پهريون صدر اقبال ترين، سيڪريٽري جنرل سيد شاھہ محمد ۽ پريس سيڪريٽري مدد علي سنڌي ٿيا، بعد ۾ 1972ع جي وچ ڌاري نوابشاھہ ۾ ٿيندڙ شاگرد ڪنوينشن ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي صدر شاھہ محمد شاھہ'>سيد شاھہ محمد شاھہ ۽ سيڪريٽري جنرل مدد علي سنڌي چونڊيا ويا. مدد عليءَ کي 24 ڊسمبر 1972ع تي بغاوت جي ڪيس ۾ قلم 124 اي، 153 اي، 123 اي ۽ ڊفينس آف پاڪستان تحت گرفتار ڪري نوابشاھہ جيل ۾ بند ڪيو ويو. ان وقت مدد علي، سائين جي. ايم. سيد تي ’اڳتي قدم‘ جو خاص نمبر ڪڍي رهيو هو. بعد ۾ کيس سيشن جج سيد سجاد علي شاھہ سمورن ڪيسن ۾ ضمانت کڻي آزاد ڪيو. مارچ 1973ع سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سائين جي. ايم. سيد جو هڪ شاهي جلسو، شاھہ محمد شاھہ'>سيد شاھہ محمد شاھہ، مدد علي سنڌي، عزيز ڀنگوار، يوسف جکراڻي ۽ نذر محمد جوڻيجي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس بلاڪ ويجهو هڪ شاهي پنڊال ۾ ڪرايو هو، جتي سائين جي. ايم. سيد، سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين جي صدر يوسف جکراڻي، جنرل سيڪريٽري عزيز ڀنگوار ۽ جوائنٽ سيڪريٽري نذر محمد جوڻيجي کان حلف ورتو هو. ان کانپوءِ 28 اپريل 1973ع تي سنڌ يونيورسٽي ڪنووڪيشن سڏائي، وائيس چانسلر سيد غلام مصطفيٰ، وفاقي وزير قانون عبداالحفيظ پيرزادي کي ’ڊاڪٽريٽ آف لا‘ ڏيڻ جو شاھہ اعلان ڪـيـو، ان لاءِ وي. سيءَ، 25 اپريل 1973ع تي آرٽس بلاڪ جي هال ۾ شاگردن جو هڪ اجلاس سڏائي حفيظ پيرزادي کي ڊگري ڏيڻ جو اطلاع ڏنو، جو هن 1973ع جي آئين ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ان مھل مدد علي سنڌي واحد شاگرد هو، جنهن 1973ع جي آئين جي مخالفت ڪئي، پيرزادي صاحب کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نہ سڏائڻ جو چيو. 28 اپريل 1973ع تي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي ڪنووڪيشن ۾ گورنر سنڌ بيگم رعنا لياقت علي خان ۽ وفاقي وزير قانون حفيظ پيرزادي جي موجودگيءَ ۾ هنگامو ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن سيد شاھہ محمد، مدد علي سنڌي، يوسف جکراڻي، عزيز ڀنگوار، نذر محمد جوڻيجي کي ٽن سالن لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان رسٽيڪيٽ ڪيو ويو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هنگامي ڪرڻ ۽ هڪ پوليس آفيسر جي (دل بيهي وڃڻ سبب) موت جو ڪيس داخل ڪري مدد عليءَ جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو. اهڙيءَ ريت بعد ۾ 17 آڪٽوبر 1973ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل جهيڙي دوران ٻن شاگردن جي قتل بعد ٻيهر يوسف جکراڻي، مدد علي سنڌي، سيد شاهنواز شاھہ، عبدالحڪيم لاکي، ديدار بلوچ کي 5، 5 سالن لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان رسٽيڪيٽ ڪيو ويو. ڪجهہ عرصي کانپوءِ ٻين سمورن شاگردن جي ريسٽيڪيشن جا آرڊر واپس ورتا ويا، پر مدد عليءَ جي ريسٽيڪيشن جو آرڊر واپس نہ ورتو ويو، جنهن ڪري هو تعليم مڪمل نہ ڪري سگهيو. مدد علي سنڌي، 1979ع ۾ سياست کي خيرباد چئي، صحافت جي ميدان ۾ داخل ٿيو ۽ 1980ع ۾ سليم اڪبر مرحوم جي اخبار ’سنڌ نيوز‘ جو ايڊيٽر ٿيو. وزيراعليٰ ڄام صادق عليءَ جي دور ۾ ڪجهہ وقت لاءِ وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس سيڪريٽري رهيو. ٻن سالن تائين سنڌي ادبي بورڊ جو وائيس چيئرمئن بہ رهيو. مدد علي سنڌيءَ، لکڻ جي ابتدا شاعريءَ سان ڪئي. 1968ع ۾ سندس پهريون گيت ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپيو، ان کانپوءِ هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. سندس پهرين ڪهاڻي ’ويا گذري ڏينهڙا‘ ماهوار سهڻيءَ جي جون 1970ع واري شماري ۾ شايع ٿي. سندس پهريون ڪتاب: (1) ’دل اندر درياءُ‘ (ڪهاڻيون)، سيپٽمبر 1980ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جو مهاڳ نامور ڪهاڻيڪاره نورالهديٰ شاھہ لکيو هو. ان بعد هن جي شاعريءَ، ترجمي ۽ سفرنامي جا ڪتاب ڇپيا ۽ 2008ع ۾ سندس سمورين تحريرن جو ڪليات ’دل اندر درياوَ‘ عنوان سان سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾: (1) دل اندر درياوَ (11 ڪهاڻيون)، (2) هستيءَ جـي اجـاڙ ايـوان ۾ (7 ڪهاڻيون)، (3) هـو جـي مـئـا مـاڳ ۾ (نـاولـيــٽ)، (4) شھر صحرا ڀانئيان (سفرنامو)، (5) پـنـر ملن (شاعري)، (6) مضمونَ، (7) قلندر (قرةالعين حيدر جون ڪهاڻيون: سنڌي ترجمو) ۽ (8) خط شامل آهن. مدد علي سنڌي مختلف سنڌي اخبارن: ’هلال پاڪستان‘، ’بختور‘، ’سچ‘، ’خلق‘، ’سنڌ نيوز‘ ۽ ’سنڌوءَ‘ جو ايڊيٽر بہ رهيو آهي. ان کانسواءِ ڪجهہ عرصو عبرت مئگزين ۽ ماهوار ’آکاڻيءَ‘ جو ايڊيٽر بہ رهيو. مدد علي 1984ع ڌاري پريس ڪلب حيدرآباد جو صدر بہ رهيو. سندس سائين جي. ايم سيد، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويي سان ويجهڙائي ۽ عقيدتمندي رهي آهي. هن جي حشوڪيولراماڻيءَ سان خط و ڪتابت هـونـدي هـئـي. هـنـد جي اديبن: گني سامتاڻي، موهن ڪلپنا، لال پشپ، اي. جي. اتم، وشنو ڀاٽيا، ايشور چندر، واسديو سنڌو، گورڌن محبوباڻي، هريڪانت، هيري شيوڪاڻي، لکمي کلاڻي، هيري ٺڪر، پوپٽي هيراننداڻيءَ سان ويجهڙائي ۽ دوستي رهي. هن وقت سندس ڪالم ۽ تجرباتي مضمون مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.10.12  عيسوي

نامور اديب ۽ صحافي، مدد علي سنڌيءَ جو پورو نالو مدد علي ولد الله بخش قريشي آهي. هن 12 آڪٽوبر 1950ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.


1969.03.25  عيسوي

مدد علي سنڌي، 25 مارچ 1969ع تي ملڪ ۾ ٻي مارشل لڳڻ کانپوءِ گرفتار ٿيو. مٿس الزام هو ته هن شهر ۾ ونيونٽ ۽ مارشل لا جي خلاف نعرا هنيا هئا.


1972.12.24  عيسوي

مدد عليءَ کي 24 ڊسمبر 1972ع تي بغاوت جي ڪيس ۾ قلم 124 اي، 153 اي، 123 اي ۽ ڊفينس آف پاڪستان تحت گرفتار ڪري نوابشاهه جيل ۾ بند ڪيو ويو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صديقي محمد علي ڊاڪٽر
شان الحق حقي
رضا علي عابدي
سنتداس پنھون مل ڪشناڻي
ڌاريجو علي مرتضيٰ
اڪرم قمبراڻي
صديق سالڪ برگيڊيئر
رزاق سھتو
حجاب امتياز علي
انعام شيخ
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون