سومرو محمد حـسيـن

سومرو محمد حـسيـن

محمد حسين سومرو

محمد حسين سومرو: محمد حسين ولد محمد صديق سـومـرو، 14 ڊسمبر 1950ع تي ڳوٺ جهلي ڪلواڙي ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم. اي پوليٽيڪل سائنس، ايم. اي اسلامڪ ڪلچر ۽ بي. ايڊ آهي. 1971ع ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان سرڪاري نوڪري ڪيائين، 1982ع ۾ ايڇ. ايس. ٽي ٿيو ۽ ڪميشن جو امتحان ڏيڻ بعد 1984ع ۾ ليڪچرر ٿيو، جتان 2010ع ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ڪيائين.پروفيسر محمد حسين سومرو استادن جي تنظيم ’تنظيم اساتذہ‘ سان واڳيل رهيو. استادن جي تنظيم جو سيڪريٽري ۽ صوبائي صدر بہ رهيو آهي. هن وقت ’حرى اسڪول شڪارپور‘ جو پرنسپل ۽ ‘حرى نيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن سنڌ‘ جو ڊائريڪٽر آهي. پروفيسر محمد حسين سومرو هڪ سٺو اديب آهي. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1) ’انسان جو ناحق قتل‘(ترجمو)، (2) ’اسلامي نظريہ تعليم‘ (ترجمو)، (3) ’جديد فڪر جو چئلينج ۽ استاد‘، (4) ’اسلامي ۽ جديد تدريسي طريقن جو تقابلي جائزو‘، (5) ’تقوى راھہ نجات‘ (اردوءَ ۾ سورة البقرہ جي پهرين ٻن رڪوعن جو تفسير) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.12.14  عيسوي

محمد حسين ولد محمد صديق سـومـرو، 14 ڊسمبر 1950ع تي ڳوٺ جھلي ڪلواڙي ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

لعلڻ خان لغاري
سيد شفيق حيدر موسوي
عرس ڏاهري
رتيش سڌواڻي
پدمڻي ڪپيلا
پونم پاسڪل پرمار
ڪاڇو فقير
شازيه پتافي ڊاڪٽر
خواجہ بھاءُ الدين
امام راشدي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون