
سمـو ماسـٽر فتـح علـي
ماسٽر فتح علي سمو : نوجوان راڳـي مـاسـٽر فـتـح عـلـي ولد ديدار حسين سمون، 1983ع ڌاري رتيديري ۾ ڄائو. سندس تعلق موسيقار گهراڻي سان آهي. سندس والد ديدار حسين سمو مشھور فنڪار آهي، جڏهن تہ سندس ڏاڏو مرحوم محمد اڪرم سمو پنھنجي دؤر جو ناميارو شھنائي نواز ٿي گذريو آهي. ماسٽر فتح علي نصابي تعليم مئٽرڪ تائين حاصل ڪئي، راڳ سان سندس ننڍپڻ کان ئي واسطو رهيو. هن راڳ جي سکيا پنھنجي والد ديدار حسين سمي کان ورتـي، بـعـد ۾ هن مشھور غـزل گائڪ غلام عليءَ کان شـاگـرديءَ جـو ڳانو ٻڌايو. ماسٽر فتح عليءَ پنھنجي والد سان گڏ محفلن ۾ وڃي ڳائڻ سان فنـي سفـر جي شروعات ڪئي. اڳتي هلي 1993ع ڌاري سندس والد کيس ٽي. وي تي وٺي ويو، جتي هن ٻارڙن جي سنڌي پروگرام ’روشن تارا‘ ۾ نامياري شاعر مقصود گل جو ٻاراڻو نظم ’ڀٽائي جو روضو‘ ڳائي ميڊيا جي سفر جي ابتدا ڪئي. ماسٽر فتح علي 2000ع ڌاري آڊيو ڪئسٽ جي دنيا ۾ پير پاتو ۽ اڄ تائين لڳ ڀڳ سندس 40 آڊيو ڪئسٽون توڙي وڊيو سي. ڊيون جاري ٿي چڪيون آهن. ماسٽر فتح علي، نوحي خواني ۽ مرثيي خوانيءَ ۾ پڻ داد ماڻيو آهي. سندس ڳايل نـوحـن جا 5 وڊيو البم پڻ جاري ٿي چڪا آهن. هي سٺو ڪمپوزر پڻ آهي.