لارڊ بيڊن پاول

لارڊ بيڊن پاول

لارڊ بيڊن پاول

لارڊ بيڊن پاول: اسڪائوٽ تحريڪ جو باني لارڊ بيڊن پاول 22 فيبروري 1857ع تي هڪ انگريز آفيسر جي گهر ۾ انگلنڊ ۾ پيدا ٿيو. 1874ع ۾ سينيئر ڪيمبرج جو امتحان پاس ڪيائين ۽ ڪميشن پاس ڪري فوج ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. هن کي 1899ع ۾ آفريڪا ڏانھن موڪليو ويو، ڇو ته اتي آفريڪا جي علائقي مينيجڪنگ ۾ اُتي جي بُوتر نالي قبيلي بغاوت ڪئي هئي. هن کي اها بغاوت ختم ڪرڻ جو منصوبو سونپيو ويو هو. هن وڏيءَ رٿابنديءَ سان انگريزن خلاف اُن بغاوت کي ختم ڪيو. هن اُن لاءِ اتي فوج کي ٽن حصن ۾ ورهايو. پھرئين حصي ۾ جوان فوجي رکيائين، ٻئي حصي ۾ اڌڙوٽ عمر جا فوجي رکيائين ۽ ٽئين حصي ۾ رسد پھچائڻ لاءِ ڪراڙا فوجي ۽ ٻار رکيائين. هڪ ڏينھن باغين لارڊ بيڊن پاول کي گهيري ۾ آڻي، کيس ۽ سندس فوج کي قلعي بند ڪري ڇڏيو. قلعي ۾ جيئن ئي هيءُ سوچ ۽ فڪر ۾ ويٺو هو ته هن ڏٺو ته هڪ ننڍي ڇوڪري باغين جي مورچن مان نڪري اچي، هن کي هڪ فوجي آفيسر جو پيغام پھچايو، جنھن ۾ گهيري ٽوڙڻ جو پلان هو. هن ان تي عمل ڪري گهيري کي ٽوڙي وڌو ۽ فوج سان 1901ع ۾ اها بغاوت ختم ڪري ڇڏيائين. هن ان عمل تي سوچيندي، ٻارن کي باقاعدي تربيت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جنرل جي عھدي تان استعيفيٰ ڏئي، انگلنڊ جي برائون سي جزيري ۾ دنيا جي پھرين اسڪائوٽ ڪئمپ لڳائي. ان ۾ فقط 120 اسڪائوٽن شرڪت ڪئي. ان کان پوءِ 1908ع ۾ ڪتاب اسڪائوٽنگ فار بوائز لکيائين. 1920ع ۾ دنيا جي پھرين اسڪائوٽ جمبوري انگلينڊ ۾ لڳي، جنھن ۾ لارڊ بيڊن پاول کي دنيا جو پھريون چيف اسڪائوٽ چونڊيو ويو. هيءُ تاحيات اسڪائوٽ رهيو ۽ آخر ۾ 83 سالن جي عمر ۾ 8 جنوري 1941ع تي آفريڪا ۾ گذاري ويو. سندس مقبرو ڪينيا ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو