
سيد قلندر شاهه لڪياري
قلندر شاھہ لڪياري: پروفيسر سيد قلندر شاھہ ولد علي ڏنو شاھہ لڪياري، پھرين مئي 1940ع تي ڳوٺ احمد ککر، تعلقي بلڙي شاھہ ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ پيدا ٿيو. چانڊيا ھاءِ اسڪول سجاول مان مئٽرڪ ۽ 1969ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. ان کانسواءِ ھن انگلش لئنگئيج ٽيچنگ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما، بي. ايڊ ۽ لائبرري سائنس ۾ ڊپلوما پڻ ڪئي. هن عملي زندگيءَ جي شروعات پرائمري استاد طور 1962ع ۾ ڪئي. ايم. اي ڪرڻ بعد جنوري 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪندي، شعبي جي پروفيسر ۽ چيئرمئن طور 2000ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ ھن ايم. اي، ايم. فل ۽ ڪميشن جي تياري ڪندڙ شاگردن کي پڙھائڻ جو سلسلو جاري رکيو. سندس رھنمائيءَ ۾ ڪيترن ئي شاگردن ايم فل ۽ پي ايڇ. ڊي ڪئي. هن انگريزي ٻولي ۽ ادب تي ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا. ھن ’نائي نيڻ نھار‘ عنوان سان علامہ اقبال جي فارسي ڪلام جو سنڌي منظوم ترجمو پڻ ڪيو. ان کانسواءِ ھن آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جون ڊڪشنريون (1) Oxford Elementary English- Sindhi Dictionary (2) Oxford English- Sindhi Dictionary ايڊٽ ڪيون. کيس انگريزي، سنڌي، اردو، ھندي، عربي، فارسي، پنجابي، سرائڪي، گجراتي ۽ ڪڇي کانسواءِ فرينچ ۽ روسي ٻولين تي بھ سٺي دسترس حاصل هئي. موسيقي، تصوف، ائنٿراپالاجي، لسانيات ۽ ٻين علمن جو سٺو مطالعو ھئس. علمي ادبي خدمتن جي مڃتا طور کيس سنڌ يونيورسٽيءَ پاران بھترين استاد جو ’چانسلرس گولڊ ميڊل‘ (1999ع)، صدارتي ’حسن ڪارڪردگي اوارڊ‘ (2013ع) ۽ ’قلندر شھباز ايوارڊ‘ سميت ٻيا ايوارڊ ۽ شيلڊون ڏنيون ويون. سندس ڪجهہ شاگردن قاسم آباد، حيدرآباد ۾ ’سيد قلندر شاھہ لڪياري انسٽيٽيوٽ‘ قائم ڪيو، جتي پاڻ بہ شاگردن کي انگريزيءَ جي تعليم ڏيندو رھيو. قلندر شاهہ 4 ڊسمبر 2020ع تي گهڻو عرصو بيمار رھڻ بعد حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. کيس سندس ڳوٺ سوني خان ملاح لڳ المنظر ڄام شوري ۾ گهر جي اڱڻ تي دفنايو ويو.
1940.05.01 عيسوي
پروفيسر سيد قلندر شاھھ ولد علي ڏنو شاھھ لڪياري، پھرين مئي 1940ع تي ڳوٺ احمد ککر، تعلقي بلڙي شاھھ ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ پيدا ٿيو.
2020.12.04 عيسوي
سيد قلندر شاهه لڪياري 4 ڊسمبر 2020ع تي گھڻو عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو.