قاضي دوست محمد : قاضي دوست محمد ولد محمد بقا 1918ع ڌاري ڳوٺ ترائي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور جي مشھور قاضي خاندان ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم والد کان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ مٺڻ ڪوٽ، چنل ڪوٽ، ملتان، چنل ديري ۽ رتيديري ۾ پڙهيو. درس نظاميءَ جا پويان ڪتاب پير ڳوٺ جي مدرسي ۾ پڙهي فاغ التحصيل ٿيو. هن ڪجهہ وقت پريلي (ڀارت) مان بہ تعليم حاصل ڪئي. سنڌي فائنل ڪري پرائمري استاد بہ ٿيو. قرآن مجيد، حديث نبوي، عربي، فارسيءَ تي اعليٰ ڄاڻ هئس. شاھہ جي بيتن سان بہ شغف هئس. بھترين مقرر ۽ خطيب هو. هن کي ’بلبل سنڌ‘ جو خطاب ڏنو ويو. سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ سندس واعظ جي هاڪ هئي. درگاھہ شريف ذاڪري سڪرنڊ ۾ عرس ۽ ٻارهي جي موقعن تي پابنديءَ سان شريڪ ٿي واعظ ڪندو هو. آخري زندگيءَ ۾ ڳوٺ خانواھہ لڳ آباد ڀُٽي ۾ مدرسو قائم ڪيائين، جنهن جو مهتمم بہ خود هو. سندس آخري آرام گاھہ خانواھہ ڳوٺ جي قبرستان ۾ آهي.قاضي دوست محمد'> قاضي دوست محمد پهرين رجب 1407ھہ/2 مارچ 1987ع تي وفات ڪئي.
1987.03.02 عيسوي
قاضي دوست محمد پهرين رجب 1407هه/2 مارچ 1987ع تي وفات ڪئي.