
قاضي اسد عابد
قاضي اسد عابد:قاضي اسد عابد'> قاضي اسد عابد حيدرآباد جي مشھور قاضي خاندان ۾ برک صحافي ۽ سياستدان قاضي عبدالمجيد ’عابد‘ جي گهر 20 سيپٽمبر 1955ع تي جنم ورتو. هن انگلنڊ مان B.B.A جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان حيدرآباد واري تڪ اين. اي 169، حيدرآباد 3 تان 1993ع واري اليڪشن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1994ع ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ٿيو. اخبارن جي مالڪن جي تنظيم ’آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽيءَ‘ جو 9 ڀيرا جنرل سيڪريٽري رهيو. ’عبرت گروپ آف پبليڪيشن‘ جو ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر آهي. هن گروپ پاران روزاني ’عبرت‘، روزاني ’سنڌو‘، پندرنھن روزہ ’عبرت مئگزين‘ ۽ ماهوار ’هزار داستان‘ پڻ نڪرن ٿا. صحافتي خدمتن جي مڃتا طور کيس 23 مارچ 2007ع تي پاڪستان جي اعليٰ سول اعزاز ’ستارہ امتياز‘ سان نوازيو ويو.
1955.09.20 عيسوي
قاضي اسد عابد حيدرآباد جي مشھور قاضي خاندان ۾ برک صحافي ۽ سياستدان قاضي عبدالمجيد ’عابد‘ جي گهر 20 سيپٽمبر 1955ع تي جنم ورتو.