قاضي ابو حنيفہ بکري
قاضي ابو حنيفہ بکري: سنڌ ۾ حنفي مذهب جو قاضي، وڏو عالم، زماني جو شيخ ۽ (انهيءَ دور جي) مشاهيرن مان هو. سلطان محمد تغلق جي زماني ۾ هن جي پاران بکر جو قاضي هو. جڏهن دنيا جو سياح محمد ابن بطوطه بکر ۾ (734ھہ) ۾ پهتو. تڏهن ساڻس ملاقات ڪيائين، جنهن جو ذڪر پنھنجي سفر نامي ۾ ڪيو اٿس.