قائم شڪارپوري: حاجي قائم شڪارپوري نقشبندي طريقي جو بزرگ ٿي گذريو آهي. هن فارسيءَ ۾ شاعري بہ ڪئي آهي. هن بزرگ ابتدائي تعليم فقير ﷲ علويءَ جي مدرسي مان پرائي ۽ ان جو مريد ٿيو. حاجي قائم شڪارپور شھر جي واکاڻ ۾ هڪ طويل قصيدو لکيو، جيڪو گهڻو مشھور ٿيو. ان قصيدي ۾ صوفي شاھہ عنايت جي تحريڪ جي ڪٽر مخالف فقير ﷲ علويءَ جي شان ۾ تعريف ڪئي وئي آهي. هي بزرگ طبيعت ۽ مزاج ۾ سادو هو. حاجي قائم شڪارپوري 1171ھہ/1757ع ڌاري وفات ڪئي.