فقير غلام جعفر سمو

فقير غلام جعفر سمو: ناميارو صوفي راڳي ۽ دهلاري فقير غلام جعفر ولد محمد موريل سمي، ڳوٺ قائم الدين وڌيي، تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. فقير غلام جعفر ڇانڀي ۽ ڍولڪ جو برجستو وڄتڪار هو، انهيءَ فن ۾ سندس استاد حاجي خان دوداپوري ۽ محمد بخش مڱڻهار هئا. دهلن ۽ شرنائين جي واڄي سبب شادين مرادين، ميلن ملاکڙن ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ کيس سندس جوڙ جي ساٿين سان ڳوٺ کان ٻاهر سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. ان حوالي سان هن لاءِ اهو مشھور آهي تہ هڪ ڀيري پاڻ شڪارپور ۾ درگاھہ ٻڍل فقير جي ڀرسان ڪنهن ڳوٺ ۾ شاديءَ جي سلسلي ۾ ويو، اتي رات جو خواب ۾ کيس ٻڍل فقير جي زيارت نصيب ٿي ۽ کيس درگاھہ جو ويراڳي فقير ٿيڻ جو حڪم مليو. صبح جو پاڻ پنھنجي جوڙ جي ساٿين کان موڪلاڻي وٺي ٻڍل فقير جي درگاھہ جو رخ ڪيائين ۽ درگاھہ جي گادي نشين وٽ حاضر ٿي اتان جو فقير بڻجي ويو. جنهن کانپوءِ فقير غلام جعفر، راڳ جي ميدان ۾ بہ قدم رکيو. هو يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي صوفياڻو راڳ ڳائيندو هو. درگاھہ ٻڍل فقير سان وابستگيءَ جي ناتي سان هر سال پنھنجي گهر ۾پنهنجي مرشد جي دعوت ڪري، ان جي آمد تي وڏي صوفياڻي محفل ڪرائڻ سندس اهم وندر هئي. ميڊيا جي حوالي سان کيس سندس جوڙ سميت پي. ٽي. وي ڪراچيءَ تي پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ متعارف ڪرايو، جنهن کانپوءِ ڪافي ڀيرا کيس ٽي. وي جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ جو موقعو مليو. فقير غلام جعفر اڳتي هلي ضلعي لاڙڪاڻي جي شھر رتيديري ۾ لڏي آيو، جتي مين شھدادڪوٽ روڊ تي عارباڻي رائيس مل جي سامهون سندس اوطاق هوندي هئي، ڪچي گاري جي چوني ٿيل مهاڙيءَ سان علم پاڪ جو نشان ان اوطاق جي اهم سڃاڻپ هوندو هو. ان اوطاق جي هڪ دري مين روڊ طرف کلندي هئي، جتان اڪثر دهلن، شرنائين، صوفياڻي راڳ ويراڳ يا وري خالي ڍولڪ جي وڄت جا آواز ايندا رهندا هئا، هتي هميشہ محبت جون محفلون مچنديون رهنديون هيون. فقير غلام جعفر هڪ ڪشادي دل، صوفي منش، فقير صفت انسان هو، جنهن پنھنجي نياز نوڙت سان هر ڪنهن دل ۾ پنھنجي جاءِ جوڙي ورتي هئي. فقير غلام جعفر کي هڪ شاديءَ جي تقريب ۾ خوشي وچان ڪيل فائرنگ دوران چيلھہ ۾ اچانڪ هڪ گولي لڳي وئي، جيڪا هن لاءِ عمر ڀر جو ناسور بڻجي وئي، ناچاڪائيءَ سبب وفات کان ڪي سال اڳ ڳائڻ وڄائڻ جو ڪم ڇڏي ڏنائين، پر سندس فن سان آخر تائين عشق رهيو. سندس وفات سيپٽمبر 2000ع ۾ ٿي. هن پنهنجا فني وارث ٽي پٽ: بدرالدين سمو، عبدالستار سمو ۽ هادي بخش سمو ڇڏيا، جيڪي حال تائين موسيقيءَ جي فن سان سلهاڙيا اچن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو