ڌاريجو علي مرتضيٰ

ڌاريجو علي مرتضيٰ

علي مرتضيٰ ڌاريجو

علي مرتضيٰ ڌاريجو، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي 2 سيپٽمبر 1950ع تي لاڙڪاڻي ۾ علي حسن ڌاريجي جي گهر ۾ جنم ورتو. هُو اديب، مترجم ۽ زولاجي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو چيئرمين هو. پرائمري تعليم ديني مدرسي لاڙڪاڻي مان؛ مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ هاير اسڪول مان؛ بي. ايس. سي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان؛ ايم. ايس. سي (زولاجي) 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان پاس ڪيائين. هن اديب فاضل ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون به حاصل ڪيون آهن، جڏهن ته پي ايڇ. ڊي جي سند 2006ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪيائين. علي مرتضيٰ ڌاريجو 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نئشنل ڊيولپمينٽ والنٽيئر پروگرام تحت استاد مقرر ٿيو، ان کانپوءِ زولاجي شعبي ۾ ميوزيم ڪيوريٽر ۽ بعد ۾ ساڳئي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 1976ع ۾ فورٿ انٽرنيشنل ٽريننگ ڪورس ’سليڪٽيڊ ٽاپڪس آف ماڊرن بائلاجي ان اميونو جينيٽڪس‘ لاءِ کيس يارهن مھينن لاءِ سيگيڊ (Szeged) هنگري لاءِ يونيسڪو، يو. اين. ڊي. پي، آءِ. سي. آر. او ۽ هنگئرين اڪئڊمي آف سائنس جي فيلوشپ ملي. 1984ع ۾ جپان سرڪار جي مونبوشو (Monbusho) اسڪالرشپ تي 18 مھينن لاءِ هما ماتسو يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن، جپان ۾ تربيت حاصل ڪيائين. 1986ع کان 1987ع تائين جپاني سائنسدانن سان گڏجي سنڌ يونيورسٽيءَ جي زولاجي شعبي ايئر سائيٽالاجيءَ جي مختلف رخن تي پاڪستان جي مختلف شھرن ۾ 18 مھينا ’ڪو پرنسپل انويسٽيگيٽر‘ طور خدمتون سرانجام ڏنائين. ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جي رهنمائيءَ ۾ هڪ شاگرد پي ايڇ. ڊي ۽ ڪيترن شاگرد ايم. فِل ڪئي. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان 2010ع ۾ رٽائر ڪيو. رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه سالن تائين ميرپورخاص جي هڪ تعليمي اداري ۾ پرنسپال طور خدمتون سرانجام ڏنائين. مرتضيٰ ڌاريجو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي بيورو آف ٽرانسليشن اينڊ پبليڪيشن جو ڊائريڪٽر؛ ڪنٽرولر آف اگزيمينيشن؛ ڊائريڪٽر انچارج فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن؛ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ، ڄامشوري جو سيڪريٽري ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهيو. هن سائنسي ادب جي واڌاري لاءِ ’سائنس پبليڪيشن‘ لاڙڪاڻي جو بنياد وڌو، جنھن ذريعي مختلف سائنسي ڪتاب ڇپرايائين. ڊاڪٽر ڌاريجي ماحول ۽ صحت جي مختلف موضوعن تي ورڪشاپ ڪرايا. هُو سنڌ يونيورسٽي مان شايع ٿيندڙ رسالن ماهوار ’سائنس‘ ۽ ٽماهي ’ماحول‘ جو ايڊيٽر ۽ ان کانسواءِ ٻين ڪيترن سائنسي رسالن جو ايڊيٽر به رهيو. هن سائنسي ۽ طبي موضوعن تي سوين مضمون لکيا ۽ سندس 30 کن ريسرچ پيپر ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي شــايـع ٿيا. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: ’انوکا گرهه‘ (1982ع)، ’ڪينسر‘ (1982ع)، ’فـرسـٽ ايڊ‘ (1983ع)، ’هيلٿ ٽيڪنيشن ٽريننگ گائيڊ بُوڪ‘ (3 ڀاڱا: 1990ع)، ’جنس جي سائنسي ڄاڻ‘ (1991ع)، ’اسانجون اکيون‘ (1992ع)، ’ڇـاتـين جـي سائنسي ڄاڻ‘ (1994ع)، ’ڪينسري بيماريون‘ (1995ع)، ’سنڌ هڪ نظر ۾‘، ’سـريـر جـي آتم ڪھاڻي‘ (1996ع)، ’قرآن ۽ سائنس‘ (2006ع)، ’تحفظ ماحول ۽ اســلام‘ (2009ع)، ’سنڌو ماحولي خطو‘، ’ناياب جهنگلي وسيلن کي بچائڻ ۾ فخر محـسـوس ڪرڻ‘ (2009ع)، ’مـوسـمـي تـبديـلــي ڇـا آهـي؟‘ (2010ع)، ’جت ويڄ نه طبيب‘ (2011ع) ۽ ’تپندڙ ڌرتي ۽ مٽجندڙ مندون‘ (2011ع) وغيره قابلِ ذڪر آهن. علمي ادبي خدمتن تي کيس نيشنل بوڪ فائونڊيشن، اسلام آباد، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي قنبر، سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، رائيٽرس گلڊ آف پاڪستان، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ڪيترن ٻين ادارن پاران ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا. هن 20 مئي 2026ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.09.02  عيسوي

ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي 2 سيپٽمبر 1950ع تي لاڙڪاڻي ۾ علي حسن ڌاريجي جي گهر ۾ جنم ورتو.


2026۔05۔20  عيسوي

علي مرتضيٰ ڌاريجی 20 مئي 2026ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عشرت علي خان
پنھل ڏهر
روشن سندر چانڊيو
رسول بخش ٻگهيو گچيرائي
پدم راج شرما
سليم ميمڻ پروفيسر
ولي رام ولڀ
قاضي خادم حسين
علي قلي بيگ مرزا
الياس سيتا پوري
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون