شنڪر آچاريا : (780ع-820ع) هندو مذهب جو زبردست عالم ۽ مبلغ، جنهن ويدانيت ۽ لادوئيءَ جي تعليم ڏني. مالابار ۾ جنم وٺندڙ شنڪر آچاريا کي ٻڌمت خلاف زبردست مھم هلائڻ جي ڪري مقبوليت حاصل ٿي. هن ٻڌمت جي عالمن سان ڪيترائي مناظرا ۽ بحث ڪيا ۽ کين مات ڏني. هن هندو مذهب جي پرچار لاءِ درسگاهون بہ قائم ڪيون. هن ديوتائن ۾ ”برهما“ کي وڌيڪ اهميت ٿي ڏني. هن برهما جي تقدس ۽ ويدن جي تشريح ڪئي آهي. سندس خيال موجب دنيا پنهنجو پاڻ ئي وجود ۾ نہ آئي بلڪہ برهما جي آتما سان پيدا ٿي. آچاريا شنڪر جي وفات ڪشمير جي ڪيدار ناٿ شھر ۾ ٿي.
0780.00.00 عيسوي
شنڪر آچاريا 780ع ڌاري پيدا ٿيو.
0820.00.00 عيسوي
شنڪر آچاريا 820ع ڌاري وفات ڪئي.