ڊاڪٽر تنيو شمس الدين

ڊاڪٽر تنيو شمس الدين

شمس الدين تنيو ڊاڪٽر

شمس الدين تنيو، ڊاڪٽر: مشھور اُستاد ۽ زرعي سائنسدان ڊاڪٽر شمس الدين تنيو پهرين مارچ 1955ع تي ڳوٺ ٺوڙهي بجار، تعلقي قمبر ۾ ڄائو. تعليم بي. ايس. سي آنرز (ايگرا نامي:1977ع)، ايم. ايس. سي (ايگرانامي:1980ع ۽ پي. ايڇ. ڊي (يونيورسٽي آف وينز، برطانيا: 1990ع) آهي. ڊپارٽمينٽ آف ايگرانامي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام۾ پروفيسر ۽ ڊين جي عهدي تي فائز آهي. سٺو نثر نگار، لغات نويس، ايگرانامسٽ ۽ مترجم آهي. سندس تحقيق ۽ ترتيب ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن: (1) ”نيو سائنٽيفڪ ڊڪشنري“ (انگريزي-سنڌي 1995ع)، (2) ”وڌايل ۽ سڌاريل ايڊيشن“ (2003ع)، Glossary of Agricultural Terms (2001)، (3) ”فصل ۽ گندگاھہ“ (2004ع)، (4) ”نج ٻج“ پيداوار ۽ چڪاس (2005ع)، (5) ”فصلن جي گڏيل پوک“ (ڊاڪٽر حاجي اسلام الدين مجيداڻي سان گڏ 2004ع) ۽ (6) ”سنڌ جا فصل“ (2007ع) ۽ ”سنڌ جي زراعت“ (2007غ، ”سنڌ جون ڀاڄيون ۽ مصالحه“ (2009ع) ڇپيل آهن. هو هن وقت ٽنڊي ڄام ۾ رهي ٿو. سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ايڊيٽرن جي پئنل ۾ شامل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.03.01  عيسوي

ڊاڪٽر شمس الدين تنيو پهرين مارچ 1955ع تي ڳوٺ ٺوڙهي بجار ، تعلقي قمبر ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀٽ برڌ واگهہ
سيد محمد ڪامل شاھہ
اياز خليل چنجڻي
باک پيرزادو
حسين حقاني
رسول بخش پليجو
جلال محمود شاھہ سيد
ڀڳت کيمچند آسناڻي
خان محمد سمون
ڪملا ڪيسواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون