سيد شبير علي شاهه ’هاتف‘

سيد شبير علي شاهه ’هاتف‘

شبير هاتف

سيد شبير علي شاھہ ’هاتف‘: نامور شاعر سيد شبير علي شاھہ هاتف ولد سيد الھہ بخش شاھہ، 4 اپريل 1940ع تي ٽکڙ، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد انٽر ٽنڊي محمد خان مان ڪيائين. 1963ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ جي جيالاجي شعبي مان بي. ايس (آنرز) ڪـيائيـن. ان بـعـد لـنـڊن مـان 1970ع ۾ ايم. ايس. سي ڪرڻ کانپوءِ واپس ڏيھہ وريو. هن عملي زندگيءَ جي شروعات 1963ع کان 1973ع تائين سنڌ ۽ پنجاب ۾ جيالاجسٽ طور ڪئي. 1973ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جيالاجي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو، ستت ئي نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1973ع کان 1976ع تائين پاڪستان فارين سروس طرفان آسٽريليا ۾ سيڪنڊ سيڪريٽري، 78-1976ع ۾ چيف سائنٽيفڪ آفيسر، 1979ع کان 1980ع تائين هٽنگ ٽيڪنيڪل سروس لنڊن پاران عمان، لنڊن، يمن ۽ سعودي عرب ۾ هائڊرو جيالاجسٽ، 1980ع کان 1987ع تائين ملڪ عبدالعزيز يونيورسٽي جدي ۾ هائڊروجيالاجسٽ رهيو، 88-1987ع ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ هائيڊرو جيالاجسٽ طور ملازمت ڪيائين. شبير هاتف 89-1988ع تائين الرياض ڊولپمينٽ اٿارٽي، رياض سعودي عرب ۾ سينيئر هائيڊروجيالاجسٽ ۽ ڪويت ۾ انسٽيٽيوٽ آف سائنٽيفڪ ريسرچ ۾ ريسرچ اسپيشلسٽ بہ ٿي رهيو ھو. شبير هاتف سنڌ جو پهرين صف جو شاعر ھو. مخدوم طالب الموليٰ سان خاص نيازمندي رهي. ’نيڻن ۾ ڏياريون‘ سندس شعري مجموعو سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي، جڏهن بہ سنڌ ۾ ايندوھو تہ ٽکڙ ۽ حيدرآباد ۾ مشاعرا ڪوٺائيندو ھو. سيد شبير علي شاھہ ’هاتف‘ 05 فيبروري 2023ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.04.04  عيسوي

امور شاعر سيد شبير علي شاهه هاتف ولد سيد الهه بخش شاهه، 4 اپريل 1940ع تي ٽکڙ، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تلسيداس
ڪلپنا ديوي
محمد عثمان جمالي
ڪونج بلوچ
سامي چئنراءِ لُنڊ
سلطان شاھہ:
نواز خان زنئور
مرتضيٰ شاھہ ڏاڏاهي
سڄڻ قبولائي
ٺٽوي غلام مرتضيٰ شاھہ مرتضائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون