سوڍر شاهنواز ڊاڪٽر

سوڍر شاهنواز ڊاڪٽر

شاهنواز سوڍر ڊاڪٽر

شاهنواز سوڍر ،ڊاڪٽر: نامور محقق ۽ لطيف شناسُ ڊاڪٽر شاهنواز ولد در محمد سوڍر، 10 مئي 1940ع تي ڳوٺ ٿاڻي سوڍر (فيض محمد سوڍر)، تعلقي وارھہ، ضلعي قمبر- شھدادڪوٽ ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ جي مڪتب مان، قرآن شريف ناظره پنھنجي ڏاڏي محمد خان سوڍر وٽ پڙهي پورو ڪيو. اديب سنڌي، مئٽرڪ، انٽر ۽ بي. اي تائين تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. 1963ع ۾ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. 1969ع ڌاري ايم. اي سنڌي ۽ 1972ع ۾ بي. ايڊ جا امتحان پاس ڪيائين، جنهن کانپوءِ انٽرنيشنل رليشن ۾ پڻ ڊگري ورتائين. 1973ع ۾ ڪميشن پاس ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، جنهن دوران ٺٽي، لاڙڪاڻي ۽ نئين ديري ڊگري ڪاليجن ۾ ليڪچرار ۽ پروفيسر جي عهدن تي فائز رهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهنمائيءَ ۾ ’سنڌي ثقافت ۽ شاھہ عبداللطيف‘ جي عنوان سان هڪ تحقيقي مقالو لکي، 1988ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. سنڌي زبان ۾ لکيل شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ تي سندس هيءَ پهرين ٿيسز آهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بہ لطيفيات تي پهرين ٿيسز آهي. ڊاڪٽر سوڍر ڪيترو عرصو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر ٿي رهيو، آخر ۾ نئين ديري ڊگري ڪاليج مان پرنسپال جي عهدي تان رٽائر ٿيو. ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر پنھنجي عمر جو وڏو حصو شاھہ لطيف تي تحقيق ڪندي گذاريو. هن تحقيق کانسواءِ شاعري، ڪهاڻي ۽ ڊراما پڻ لکيا. ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، شاھہ لطيف ڪانفرنس، سچل ادبي ڪانفرنس سميت ٻين ادبي ميڙاڪن ۾ پابنديءَ سان شرڪت ڪندو هو. سندس شروع ۾ ڊرامن طرف بہ ڪافي گهڻو لاڙو رهيو. سندس ٻہ سنڌي ڊراما ’ڏاڏاڻي ڏيھہ ۾‘ (1985ع) ۽ ’نصيب‘ (1986ع) پاڪستان ٽيليويزن تان نشر ٿيا هئا. ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جا هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن: (1) شاھہ عبداللطيف ڀٽائي (1990ع)، (2) ثقافت ۽ شاھہ لطيف'>سنڌي ثقافت ۽ شاھہ لطيف (1991ع)، (3) ’اوجاڳي اُجاريا‘ (2000ع). سندس ڪهاڻيون، تحقيقي مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن. سنڌ جي هن عالم ۽ اديب 15 مارچ 2003ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.05.10  عيسوي

نامور محقق ۽ لطيف شناسُ ڊاڪٽر شاهنواز ولد در محمد سوڍر، 10 مئي 1940ع تي ڳوٺ ٿاڻي سوڍر (فيض محمد سوڍر)، تعلقي وارهه، ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ ۾ ڄائو.


2003.03.15  عيسوي

ڊاڪٽر شاهنواز سوڍي 15 مارچ 2003ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سليمان شيخ ڊاڪٽر
روپ ڪمار گهايل
ضراب حيدر
خواجہ شمس الدين
سمرسيٽ ماهم
عقيل عباس جعفري
خالد آزاد
قدير شيخ
عبدالستار بلوچ
شاهنواز فقير نظاماڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون