سيد ضياءُالدين ضيا ٺٽوي : سيد ضياءُالدين’ضياء‘ ولد سيد مير عزت ﷲ شڪرالاهي. هي بزرگ ٺٽي جي مشھور شاعر ۽ فاضل سيد مير علي شير قانع جو سڳو ۽ ننڍو ڀاءُ هو. تحفة الڪرام ۾ مير قانع پنهنجن ڀائرن جي بيان ۾ پاڻ کي چوٿون نمبر ۽ ضياءُالدين کي ڇهون نمبر ڄاڻايو آهي، ڀانئجي ايئن ٿو تہ هن مير قانع جي هن دنيا مان رواني ٿيڻ بعد شعر شاعري ڏانهن ڌيان ڏنو. سيد ضياءُالدين فارسيءَ ۽ اردوءَ جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس فارسي غزليات جو هڪ مڪمل ديوان، بي ترتيب صورت ۾ موجود آهي، اهڙيءَ طرح هندي يا انهيءَ زماني جي اردو زبان ۾ هن غزلن جو هڪ ديوان بہ مرتب ڪيو. ”هير رانجها“ جي عشقيہ قصي کي مثنويءَ جي صورت ۾ تيار ڪيائين. سيد ضياء جي ڪلام مان معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ جي ٽالپر حاڪمن مان هو مير ٺاري خان ميرپورخاص واري جو درٻاري شاعر هو ۽ قصو ”هير رانجها“سندس نالي منسوب ڪيو اٿس. سيد ضياءُالدين جي وفات 13 ذوالقعد 1229ھہ/ 1813ع ۾ ٿي ۽ کيس پنھنجي خانداني مقبري ۾ مڪليءَ تي دفن ڪيو ويو.