
سگهڙ تاج محمد هاليپوٽو
تاج محمد هاليپوٽو: سنڌ جو مشھور سگهڙ ۽ سگهڙن جو سرواڻ، تاج محمد ولد محمد هاشم هاليپوٽو، 10 سيپٽمبر 1956ع تي پراڻي شادي پلي، تعلقي پٿوري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پراڻي شادي پليءَ مان حاصل ڪئي، جڏهن تہ مئٽرڪ جو امتحان شاھہ ولي ﷲ هاءِ اسڪول، ميرپورخاص مان پاس ڪيو. سندس علمي ادبي تربيت سندس ناني حاجي علي محمد هاليپوٽي ڪئي، جيڪو پاڻ بہ هڪ اهل علم ۽ اهل ادب ماڻهو هو. سگهڙ تاج محمد کي گهڻو ڪري سنڌ جي سڀني سگهڙن جا هندي توڙي سنڌيءَ ۾ سگهڙائپ وارا ٻول برزبان ياد هئا. پاڻ سينگار توڙي لوڪ ادب جي ٻين صنفن جو سُٺو شاعر هو. محقق ۽ تاريخدان مرحوم معمور يوسفاڻي شاعريءَ ۾ سندس استاد رهيو. 29 مارچ 2008ع تي پراڻي شادي پليءَ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کيس، مرحوم عبدالرحمٰن مھيسر کانپوءِ سنڌ جي ’سگهڙن جي سرواڻ‘ طور پڳ ٻَڌائي. مختلف رسالن توڙي اخبارن ۾ سندس شاعري ۽ مضمون ڇپيل آهن. پاڻ سُٺو مقرر بہ هو. سندس ضخيم لائبرري ۾ قلمي نسخن ۽ سنڌي پھاڪن جي ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. وٽس وڏيون سگهڙ ڪچھريون پڻ ٿيون. سندس فني مڃتا طور کيس شاھہ لطيف اوارڊ، سگهڙ محمد ملوڪ عباسي اوارڊ ۽ ٻيا تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ مليا. پھرين نومبر 2023ع تي اباڻي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي.
1956.09.10 عيسوي
سنڌ جي سگهڙن جو سرواڻ، تاج محمد ولد محمد هاشم هاليپوٽو، 10 سيپٽمبر 1956ع ۾ پراڻي شادي پلي، تعلقي پٿوري ۾ ڄائو.
2008.03.29 عيسوي
29 مارچ 2008ع تي پراڻي شادي پليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ماهر، ممتاز عالم ۽ تاريخدان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کيس مرحوم عبدالرحمٰن مهيسر کانپوءِ سنڌ جي ’سگهڙن جي سرواڻ‘ جي پڳ ٻَڌائي.