تاج بانو براهوئي:تاج بانو براهوئي'> تاج بانو براهوئي پهرين جنوري 1915ع تي ڳوٺ دين پور شريف، تعلقي ۽ ضلعي شڪارپور ۾ علامہ حاجي براهوئي دينپوري جي گهر ۾جنم ورتو. هن ابتدائي ديني تعليم پنھنجي والد صاحب کان حاصل ڪئي. مڪمل طور تي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ِوالد صاحب سندس شادي ڪرائي، جيئن تہ سندس والد بزرگ جيد عالم، اديب ۽ شاعر هو، ان ڪري تاج بانو بہ شاديءَ کانپوءِ ديني ۽ ادبي ڪمن ۾ اڳڀري ٿي. هن پنھنجي ڳوٺ ۾ عورتن جي لاءِ ’مدرسہ اسلاميہ البنات براهوئيه دين پور‘ نالي هڪ مدرسو قائم ڪيو، جتي نياڻين ۽ عورتن کي تعليم ڏيڻ لڳي. تاج بانو جي شادي سندس ويجهي عزيز مولانا جلال الدين پندراڻي سان ٿي هئي، جنهن مان کيس ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. سندس اها نياڻي بہ پنھنجي وقت جي سٺي اديبه ۽ شاعرہ هئي، جا خليفہ جي نالي سان مشھور هئي، جنهن جو اصل نالو امت الواجد هو. هوءَ بہ پنھنجي امڙ سان هر موڙ تي ديني ۽ ادبي خدمتن ۾ شامل رهندي هئي. تاج بانو جا سنڌي، براهوئي، بلوچي، فارسي ۽ اردو ٻولين ۾ اٽڪل پنجاھہ ڪتاب لکيل آهن. هن پنھنجي ڳوٺ دين پور شريف ۾ پنھنجي مدرسي مان ادبي ديني درس ۽ تدريس لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ مدرسہ اسلاميہ البنات براهوئيه دين پور، جي ڪورس ۾ شامل ڪيائين. سندس پهريون ڪتاب ’تاريخ النسوان‘ (حصو پهريون) 1353ھہ/1934ع ۾ تاج بانو جي براهوئي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيل ڪتابن ۾ ’تواريخ النسوان‘ (حصو پهريون) 1353ھہ/1934ع ۽ ’تواريخ النسوان‘ (حصو ٻيو) 1354ھہ/1935ع شامل آهن. ان کان علاوہ سندس ڪيترائي اڻڇپيل ڪتاب آهن. ڇپيو. وٽانئس ڪيتريون ئي نياڻيون علم واري زيور سان آراستہ ٿيون.
1915.00.00 عيسوي
تاج بانو براهوئي پهرين جنوري 1915ع تي ڳوٺ دين پور شريف ، شڪارپور ۾ جنم ورتو