الھہ رکيو سانگي: صوفي شاعر فقير الھہ رکيو سانگي ڳوٺ ٻيٽهڙي، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، فقير صاحب مقبول عوامي شاعر ڇتي فقير سانگيءَ جو خاص طالب هو ۽ ڇتي فقير جو ڪلام ساڻس گڏجي ڳائيندو هو، سفر جي حالت ۾ هميشہ ساڻس گڏ هوندو هو. فقير الهرکيو، ڇتي فقير جي صحبت ۾ رهي صوفياڻي رنگ ۾ رڱجي ويو. ڇتي فقير جي شاعريءَ جو مٿس ايترو اثر ٿيو، جو پاڻ بہ ڪافيون چوڻ لڳو، سندس ڪلام ۾ ڇتي فقير جي فڪر ۽ فن جو عڪس نظر اچي ٿو. شعر ۾ پنهنجو نالو الھہ رکيو تخلص طور ڪم آڻيندو هو. سندس ڪافيون الھڏتي فقير ماڇيءَ جي بياض تان ورتيون ويون آهن، جيڪي سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود ڪافين جي بياض ۾ محفوظ آهن الھہ رکيي فقير1927ع ڌاري وفات ڪئي.