الله ڏنو ٻانهاڻي

الله ڏنو ٻانهاڻي

ﷲ ڏنو ٻانهاڻي

ﷲ ڏنو ٻانهاڻي: نامياري سگهڙ، الغوزه نواز ۽ هارمونيم نواز ڏني ولد لعل بخش ٻانهاڻيءَ 7 مارچ 1945ع تي ڳوٺ پياري ٻانهاڻي، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. پرائمري پنجن درجن تائين پڙهيو. سندس والد لعل بخش ٻانهاڻي پنھنجي دور جو مشھور الغوزه نواز هو، جنهنڪري الغوزي وڄائڻ جو فن کيس ورثي ۾ مليو. اڳتي هلي هن الغوزي وڄائڻ جي باقاعدي تربيت محمد مٺل منگيءَ کان ورتي. ڏني ٻانهاڻيءَ پنھنجي دور جي مشھور سگهڙ غلام قادر ڀٽي جي رهنمائيءَ ۾ لوڪ ادب جي ميدان ۾ بہ پير پاتو ۽ پنھنجي شوق، محنت ۽ ذهانت سبب ٿوري ئي وقت ۾ فن جي سڀني صنفن ۾ ڪافي ڄاڻ حاصل ڪري ورتائين. ڏني ٻانهاڻيءَ، شاعر ڪريم بخش ’گهايل‘ جي صحبت ۾ عروضي شاعري بہ ڪئي، پر پوءِ بہ سندس گهڻي دلچسپي لوڪ ادب ۾ رهي.
ﷲ ڏني ٻانهاڻي 1966ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پهريون ڀيرو پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جنهن کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا کيس ريڊيو ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي فن پيش ڪرڻ جو موقعو مليو. هن پي. ٽي. وي تي ڪيترا لوڪ ادب جا پروگرام بہ ڪيا آهن. هن وقت سندس شخصيت تي لوڪ ادب کان وڌيڪ موسيقيءَ جو رنگ اثر انداز آهي، هو هارمونيم نواز ۽ ڍولڪ نواز بہ آهي. معاشي حوالي سان هن وقت نئين ديري شھر ۾ ڍولڪ ۽ طبلن جي خريد و فروخت ۽ مرمت جو دڪان هلائي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.03.07  عيسوي

نامياري سگهڙ، الغوزه نواز ۽ هارمونيم نواز الله ڏني ولد لعل بخش ٻانهاڻيءَ 7 مارچ 1945ع تي ڳوٺ پياري ٻانهاڻي، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



سُگھڙ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رمضان واڍو
عبداللطيف لغاري
طالب لوهار
پير بخش2
حاجي مينهون خان لغاري 1
غلام قادر ڀٽو
حافظ علي گل ٻرڙو
احمد علي چانڊيو
فقير ميانداد سيلاني
رب ڏنو هنڱورو
سُگھڙ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون