’دردي صاحب خان جروار

’دردي‘ صاحب خان جروار: نامياري شاعر صاحب خان دردي ولد محمد بخش جروار پهرين اپريل 1927ع تي ڳوٺ جھان خان جروار، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
صاحب خان درديءَ جي تعليم سنڌي فائنل هئي. هو پيشي جي لحاظ کان پرائمري استاد هو. صاحب خان ’دردي‘ راڳ جو وڏو پارکو هو ۽ جوانيءَ دوران راڳ ڳائيندو هو. راڳ ڳائڻ جي ڪري اڳتي هلي کيس شاعريءَ جو پڻ شوق پيدا ٿيو.
صاحب خان ’دردي‘ جي شاعريءَ جا اهم موضوع مذهب ۽ مجاز هئا. هو ٻنهي حوالن سان پنھنجي دؤر جو هڪ برجستو شاعر ٿي گذريو آهي. دردي، فقير طبع انسان هو. هر هڪ سان پيار ۽ خلوص سان پيش ايندو هو ۽ پنھنجي دؤر جو هڪ فرض شناس استاد بہ هو.
صاحب خان جروار ’درديءَ‘ جي شاعريءَ جو هڪ مجموعو 1992ع ۾ سندس وفات بعد ’ديوان دردي‘ جي نالي سان شايع ٿيو آهي.
صاحب خان ’دردي‘ 10 اپريل 1992ع تي 65 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.04.01  عيسوي

نامياري شاعر صاحب خان دردي ولد محمد بخش جروار پهرين اپريل 1927ع تي ڳوٺ جهان خان جروار، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.


1992.04.10  عيسوي

صاحب خان ’دردي‘ 10 اپريل 1992ع تي 65 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عيسو هالائي عاجز
انور پرديسي
فقير نواب ولي محمد خان لغاري
سلطان باهو
شاھہ غلام عباس
امين ٿيٻو
اصغر گوزائي
منٺار سولنگي
بشير سيتائي
شاهده کوکر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون