ڳٺو (درياھ/ڍورو): هيءُ ڍورو بدين ضلعي ۾، ڏکڻ طرف ساحلي پٽيءَ جي ولاسي واري خطي ۾ وهندو هو، جيڪو هن وقت ختم ٿي چُڪو آهي. قديم دؤر ۾ ولاسو زرخيز ۽ شاداب هجڻ سان گڏ سنڌو درياهه جو سڀ کان وڌيڪ قديم ڊيلٽائي خطو هو، جتان 6 ختم ٿيل درياهه وهندا هئا، جن ۾ ڳٺو درياهه، پراڻ درياهه، ساڱرو درياھ ، ريڻ درياهه، گونگڙو درياھ ۽ پٽيھل درياهه شامل آهن.
ڳٺو ڍورو اصل ۾ ريڻ درياھ جو قديم وهڪرو هو، جيڪو ريڻ کان اولھه ڏکڻ طرف وهندو هو، هي ڍورو پيرو لاشاري جي ريلوي روڊ ۽ بدين حيدرآباد روڊ جي ڇھين ميل کان اولھه طرف وڃي مخدوم نوح جي ڪنيءَ جي اتر وٽان ٻاريجي ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو ۽ ڏکڻ وٽان دڦري ڍوري ۾ وڃي پوندو هو. ڳٺي ڍوري جي هڪ ڇاڙ اوٺاري ڍنڍ کان ٿيندي اوڀر ڏکڻ ڪنڊ تي ’ميين موسيٰ جي کاڻ‘ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي.