ڳَڪڙ يا ککڙي ڦيرائڻ

ڳَڪڙ يا ککڙي ڦيرائڻ (راند): انبن جا ٻه ڪوئلا هٿ ڪري، انهن مان هڪ کي مٿان مُن ۾ مُڇو ڏيئي، ان جي اندران پتو کوٽي ڪڍبو ته باقي پورو ڳڪڙ بچندو. ٽي انچ کن سنهي ڊگهي ڪاٺي کڻي، ان جي هڪڙي پڇاڙي چھنبدار گهڙي، ٻي ڪوئلي جي پيٽ جي وچ ۾ ٺوڪي وجهبي. پوري گٿريءَ جي پيٽ جي هڪڙي کل جي وچ ۾ سوراخ ڪبو. ان مان ٻه فوٽ کن ڌاڳي جي ڏور اُڪاري، ڌاڳو مٿان مُن مان ڪڍي، ٻي ڪوئلي واري ڪاٺيءَ جي وچ تي ٻڌي، اهو ڪوئلو ڪاٺيءَ سوڌو ان جي پور وٽان، هيٺ لاهي ڇڏبو، هاڻ مٿئين ڪوئلي کي ڦيرائبو ته ڏور ڪاٺيءَ تي ويڙهجي ويندي، پوءِ هڪ هٿ ۾ ڳڪڙ جهلبو ۽ ٻئي هٿ ۾ ڏور جو پڇڙ هوندو. هٿ واري پڇڙ کي ڍر سان پيو ڇڪبو ته مٿان چرخي وانگر ڪوئلو پيو ڦرندو. هن راند کي ’گهٽلي راند‘ به سڏيو ويندو آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو