
ڳيچ
ڳيچ: ڳيچ سنڌي لوڪ شاعريءَ جي بنھه آڳاٽي صنف آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ڳائڻ. ڳيچ جي موجد عورت آهي، اوائلي دؤر ۾ عورتون پنھنجي خوشيءَ توڙي غم جو اظھار ڳيچ جي صورت ۾ ڪنديون هيون، پر هاڻي ڳيچ صرف خوشيءَ جي موقعي تي ڳايو وڃي ٿو. هي سڄي سنڌ ۾ رائج آهي پر سنڌ جي هر ڀاڱي ۾ الڳ الڳ نالن سان سڏيو وڃي ٿو، مثال طور، سنڌ جي اتر ۾ لاڏا يا سھرا، لاڙ، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ ڳيچ ۽ سنڌ کان ٻاهر هند جي علائقي ڪڇ ۾ ڳيجهه / ڳيچ چيو وڃي ٿو.
’ڳيچ‘ يا ’ڳيا‘ ڳاءِ لفظ مان سرجيو آهي، اهو ڳاءِ لفظ اڃا تائين ڪوهستان جي عورتن ۾ رائج آهي. هن لفظ کي ڳاڄ، ڳاج، ڳاچ، ڳيچ ڳيت يا گيت به ڪوٺيو ويندو آهي، جنھنجي اصطلاحي معنيٰ آهي اهو گيت، جو شاديءَ يا خوشيءَ جي موقعن تي اڪثر ڪري عورتون ڳائين. لاڙ جي ڳيچن کي ڳيو چون ۽ ٻين ڪن ڀاڱن خاص ڪري شھرن ۾ هن کي سھرو چيو ويندو آهي. ڳيچ ۽ ڳيو نج سنڌي لفظ آهن. سنڌ اندر سرائڪيءَ ۾ ان کي ڳاوڻ چوندا آهن. سنڌيءَ توڙي سرائيڪيءَ ۾ جوڙيل ڳيچ عام رائج آهن. ٿرپارڪر واريءَ ايراضيءَ ۾ سنڌي ڳيچن سان گڏ ٿري محاورن ۾ رچيل ڳيچ مقامي طور مروج آهن.
انهن سڀني وصفن ۽ لفظن جي معنيٰ ساڳي ئي آهي يعني پنھنجي ڏک ۽ خوشيءَ وارن جذبن جو اظھار، ڳائڻ وسيلي ڪرڻ. ڳيچ صدين جي تاريخ رکن ٿا. انهن جو ڪو به هڪڙو شاعر نه آهي.
ڳيچ هڪ سادي شاعري آهي، جنھن ۾ خيال جي سادگي سمايل هوندي آهي ۽ ان جو ڪو خاص فني سٽاءُ نه آهي. ڪڏهن ان ۾ قافيو هوندو ته ڪڏهن نه هوندو آهي. البت ان ۾ فطري سادگيءَ سان گڏ رس رچاءُ، لئي ۽ رواني گهڻي هوندي آهي. ڳيچ سنڌ جي ثقافت جا ترجمان آهن. جن ۾ مخصوص ريتن، رسمن، روايتن، ذهني لاڙن، عقيدن، مزاج ۽ فطرت جو عڪس نظر ايندو آهي. ڪيترا اهڙا ڳيچ به ملن ٿا، جن ۾ سومرن جي زماني جي سنڌي ثقافت جا اُهڃاڻ پڻ نظر اچن ٿا، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڳيچ آڳاٽي دؤر کان ڳائبا رهيا آهن.
سنڌي ڳيچ يا سھرا سنڌ کان سواءِ سنڌ جي آڳاٽن ڀاڱن لسٻيلي، ڪڇ، راجستان، اُچ ۽ ملتان جي ڏاکڻي پٽيءَ ۾ پڻ ڳايا وڃن ٿا. ڳيچ گهڻو ڪري عورتون ڳائينديون آهن پر ڪي گيت يا ڳيچ اهڙا به آهن، جيڪي عورتون مردن سان گڏ يا مرد اڪيلا به ڳائيندا آهن. سنڌيءَ شاعره مرکان شيخڻ به ڳيچ چيا آهن، جيڪا سومرن جي دور جي شاعره مڃي وڃي ٿي. محمد سومار شيخ هن جا ڳيچ گڏ ڪري 1970ع ۾ ڪلام ’مرکان شيخڻ‘ جي نالي سان ڪتاب جي صورت ۾ محفوظ ڪيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لوڪ ادب اسڪيم هيٺ هڪ ضخيم ڪتاب ’ڳيچ‘ عنوان سان ترتيب ڏئي سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو آهي، جنھن جي مقدمي ۾ ڳيچ جو ڀرپور پسمنظر ڏنو ويو آهي.