
ڳوھ
ڳوھ (جانور): هن جانور جو حياتياتي نالو Varanus bengalensis ۽ انگريزي نالو Bengal or Indian Montor Lizrd آهي. ڪِرڙيءَ جي نسل جو هي ڄڻ ته هڪ وڏو ڪِرڙ آهي، منھن ڊگهو ۽ نوڪدار، ڳچي ڊگهي، جسم ٿلهو ۽ ڊگهو ھوندو اٿس. ڊگهو پڇ، زبان ٻه ڦاڪِي ۽ رنگ گـھرو سرمائي ڪارو ٿئي ٿو. ڳوهه ڏينھن جي وقت ۾ شڪار لاءِ نڪرندي آهي ۽ زبان ٻاهر ڪڍي شڪار کي ڳوليندي آهي ڇو ته اھا حِس وڌيڪ ڪارائتي اٿس. ڳوھه شڪار لاءِ اک جو استعمال به ڪندي آهي. ڪوئا، ڏيڏر، پکي، نانگ، جيت وغيره کائيندي آهي. ڳوهه وڻن تي چڙهي پکين آکيرن مان آنا به کڻي ويندي آهي ۽ پاڻيءَ ۾ مڇيءَ جو شڪار به ڪندي آهي. ڳوھ جيڪڏهن پنھنجي ڏر ۾ گهڙي وڃي ته ان کي ڇِڪي ٻاهر ڪڍڻ تمام ڏکيو ٿي پوندو آهي ڇو ته اها ڏر ۾ پنھنجو جسم ڦوڪي اڃا به ويڪرو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ چنبن سان زمين وغيره کي چنبڙي پوندي آهي.
هي پاڻي توڙي خڪشيءَ تي رهندڙ جانور آهي. هي سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ ملندڙ آهي. هن جي ڊيگهه 175 سينٽي ميٽر ۽ وزن گهٽ ۾ گهٽ 7 ڪلو گرام ٿئي ٿو. هي 17 منٽن تائين پاڻي اندر رهي سگهي ٿي. هن جي مادي، هڪڙي وقت 20 آنا ڏئي ٿي. هن جي عمر 27 سال ٿئي ٿي. هي جانور سڄي سنڌ ۾ ٿئي ٿو، پر ٿر ۾ گهڻو ٿئي. هن بابت سنڌيءَ ۾ هي پھاڪا مشھور آهن.
’ڳوھ کي کٽي کڻي ته شڪارين جا گهر ڳولهي‘
’ڳوھ مان واڳون ٿيڻ‘