
ڳورپٽ ڳورنار
ڳورپٽ/ڳورنار: هيءُ هڪ ننڍو پر طاقتور جانور آهي. هن کي عام طور گوشت خور مماليه چيو وڃي ٿو. انگريزيءَ ۾ Ratel ۽ Honey Badger جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن جو مٿو ويڪرو، منھن چھٽيل، ڄنگهون ۽ جسامت وزني ٿئي ٿي. سر ۽ ڌڙ جي ڊيگهه 60 کان 77 سينٽي ميٽر، پڇ جي ڊيگهه 20 کان 30 سينٽي ميٽر ۽ ڪلھن جي اوچائي 25 کان 30 سينٽي ميٽر ٿئي ٿي. هن جا اڳيان پير، پوين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ طاقتور ٿين ٿا، جن تي تيز، مضبوط ۽ ڪاري رنگ جا ڊگها ننهن هوندا آهن، جيڪي کوٽائي ڪرڻ ۽ شڪار جهلڻ لاءِ موزون ٿين ٿا. پٺ تي مٿي کان وٺي پڇ جي آخري حصي تائين رنگ گھرو پيلو، سليٽي يا اڇو ٿيندو آهي. ان کان علاوه باقي سڄو جسم گھرو ڀورو يا ڪارو ٿئي ٿو. پٺيءَ جي کل ۽ وار ايتري قدر سخت ٿين ٿا جو ماکيءَ جي ڏنگ، سيڙهه جي نوڪدار ڪنڊن، نانگ يا ڪتي جي چڪ پائڻ جو به مٿس اثر نٿو ٿئي. هي جانور عام طور خشڪ ۽ صحرائي علائقن ۾ رهڻ جا عادي ٿين ٿا، گهڻو ڪري رات جي وقت فعال ۽ ڏينھن جي وقت مختلف هنڌن تي لڪي رهندا آهن. پنھنجي رهائش لاءِ پاڻ کڏون کوٽيندا آهن. زمين يا ٽڪرين جي غارن، وڻن جي خالي ٿڙن يا ڪري پيل وڻن جي ڍڳ جي وچ ۾ لڪ ڇپ ۾ رهن ٿا. اڪثر ويران عمارتن يا گهاٽن جهڳٽن سان گهيريل کڏن ۾ به رهن ٿا. ان کان سواءِ ڍنڍن، ڍورن ۽ درياهن جي ڪنارن تي نرم مٽيءَ کي آسانيءَ سان کوٽي پنھنجي رهڻ جي جاءِ ٺاهين ٿا.
جيتوڻيڪ هي وڻن تي چڙهي به ويندو آهي پر گهڻو ڪري زمين تي ئي رهندو آهي. هي گروهن بجاءِ گهڻو ڪري جوڙن يا اڪيلي ۾ رهن ٿا. جيئرن ۽ خاص ڪري مئلن جو گوشت کائيندا آهن. چيو وڃي ٿو ته سُڃن قبرستانن مان قبرون کوٽي لاش به کائيندا آهن. سُڃن علائقن ۾ اڪيلو ماڻھو ڏسي اُن تي حملو ڪري کائي ويندا آهن. ’پاڪستان ڪي جنگلي حيات‘ ڪتاب جي صفحي 355 تي هڪ ماهر واڪر (1964ع) جي بيان موجب: ”ڳورپٽ، زهريلن نانگن، مثلاً ڪوبرا کي به کائي ويندو آهي. هي ڪمين جي سخت خول کي به آسانيءَ سان چيري ڇڏيندا آهن. حيوانن کان علاوه ٻوٽن جي پاڙن ۽ هر قسم جو ميوو به کائين ٿا. ماکي خور هئڻ ڪري هر وقت ماکي کائڻ طرف مائل رهي ٿو.“ ڳورپٽ جا تيز ڏند ۽ مضبوط ننھن حملي لاءِ مؤثر هٿيار آهن. انهن جي سخت کل ۽ تيز ناگوار ڌپ وارو مادو خارج ٿيندڙ غدود سندن دفاع لاءِ ڪافي آهي. نسلي واڌ ويجهه وارن ڏينھن ۾ معمول کان وڌيڪ پرتشدد ٿين ٿا. اهڙي وقت ۾ پنھنجي ڀرسان گذرندڙ هر حيوان تي هڪدم حملو ڪري ڏيندا آهن. سندن جسامت ايتري قدر لچڪدار ٿئي ٿي جو دشمن جي جهلڻ باوجود تيزي سان مڙي مٿن حملو ڪري ڏيندا آهن. انهن جي نسلي واڌ ويجهه، اونھاري جي مند ۾ جاري رهندي آهي. نر ۽ مادي جي ميلاپ کان ڇھن مھينن بعد هڪ وقت ۾ 2 ٻچا پيدا ٿين ٿا. ڳورپٽ ڪيترن ئي افريقي ۽ وچ اوڀر جي ملڪن کان علاوه اڳوڻن روسي ملڪن ۾ ٿين ٿا. پاڪستان ۾ هي سنڌ جي ڪوهستان واري علائقي ۽ ڪجهه ٿر، ان کان سواءِ بلوچستان جي علائقي مڪران، لسٻيلي، قلات، چاغي، سبي، پشين ۽ لورالائي ۾ ملن ٿا، جڏهن ته سنڌ ۾ کيرٿر، پنجاب ۾ صحراءِ چولستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ وزيرستان ۾ گهڻا ٿين ٿا.