ڳنڍير (گاهه): هي سدا سائو گاهه آهي، هي گاهه خريف جي فصلن سان گڏ واڌ ڪندو آهي، پر سڄي سال تائين ان جون ڳنڍيون (پاڙون) زمين ۾ زنده رهنديون آهن. خريف جي مند اچڻ تي وري سايون ٿي وڌڻ لڳنديون آهن. هن جو ٻوٽو شاخدار، پن سنها ۽ ڇڳيدار، گل سائي رنگ جا ۽ ٻج ميٽي رنگ جو ٿيندو آهي. هن گاهه کي مال شوق سان کائيندو آهي.