ڳاڙهو ڀڙو سنڌڙي

ڳاڙهو ڀڙو (سنڌڙي): ضلعي ميرپورخاص، تعلقي سنڌڙيءَ ۾ ڳوٺ علي شير مري ڀرسان، ويھن ايڪڙن تي پکڙيل دڙو آهي. هي آثار اڳ ۾ وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هئا، جتي کوهه پڻ موجود هئا، پر زمين جي والار سبب هاڻي دڙو ويھه ايڪڙ وڃي بچيو آهي. هتي ڀڳل سرون ۽ ٺڪراٺو ملي ٿو. هي قديم هاڪڙي جي وهڪري ڀرسان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو