ڳاهه

ڳاهه (صنف): ڳاهه سنڌي شاعريءَ جو قديم ترين نمونو آهي، جنھن کي ڀٽ، ڀان ۽ چارڻ ڳائي وڄائي پيش ڪندا هئا. هي سومرن ۽ سمن جي دؤر ۾ مقبول صنف هئي. ’ڳاهه‘ هڪ قسم جا واقعاتي ۽ بياني بيت آهن. ان لفظ جو بنياد ’ڳائڻ‘ آهي ۽ ڳائڻ مان ڳاءِ بڻيو ۽ ان مان ’ڳاهه‘ ٿي ويو. هنديءَ ۾ ان جو متبادل لفظ گاٿا آهي. سٽاءَ جي لحاظ کان ’ڳاهه‘ ’منظوم مصرعون‘ آهن، جن مان اڪثر ڏوهيڙي جي شڪل ۾ آهن ۽ ٻنھي سٽن جي آخر ۾ قافيو اچي ٿو. البت ڪن ڳاهن ۾ ٻن مصرعن کان پوءِ مستزاد وانگر وراڻيءَ طور هڪ ننڍي تڪ به پويان بيھاريل آهي. ڪي ڪي ڳاهون سورٺي يا سورٺي دوهي جي سٽاءَ هيٺ به چيون ويون آهن. مضمون جي لحاظ کان انھن ۾ قصي جي ڪن حقيقتن ۽ واقعن جو ذڪر هوندو آهي. ڳاهه جي قدامت جو اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي، ايترو چئي سگهجي ٿو ته ’ڳاهه‘ تمام قديم زماني کان ڀَٽن، ڀانن ۽ ٻين سگهڙن جي زباني هلندي پئي اچي. سومرن جي دؤر ۾ انھن جو رواج عام هو پر سمن جي دؤر ۾ به ڳائبيون هيون. جنگي موضوع وارين ڳاهن کي ’رزميه ڳاهه‘ چيو ويندو آهي. اهڙيون ڳاهون 1150ع کان 1250ع تائين سنڌ جي تاريخي واقعن سان تعلق رکن ٿيون ته ڪي رومانوي داستانن سان. ڪن ۾ سخي سردارن جي ساراهه ٿيل آهي ته ڪن ۾ رزميه ٽاڻا بيان ٿيل آهن. ڳاهه سومرا ۽ سما دؤر جي مقبول ترين صنف هئي، جنھن ۾ ان دؤر جي رومانوي داستانن سسئي پنھون، عمر مارئي، مومل راڻي، ڏمڻ سوناري وغيره جي باري ۾ داستان گوئي هوندي هئي. رزميه ۽ تاريخي قصن ۾ سومرن ۽ گجرن جي جنگ، سومرن ۽ علاءُ الدين جي جنگ ۽ ڄام هالي ۽ همير سومري جي جنگ بابت به ڳاهون مشھور آهن. خوشي، رنج ۽ غم جي باري ۾ پڻ ڪافي ڳاهون موجود آهن.
ڳاهه هڪ گهڻ موضوعاتي شعري صنف آهي. اوائلي دؤر ۾ سمورا قصا، واقعا، داستان ۽ ڪھاڻيون ڳاهه جو موضوع بڻيون. سومرا دؤر جي ڳاهه جا ٻه اهم شاعر ڀاڳو ڀان ۽ سمنگ چارڻ آهن، جڏهن ته هان فقير، ڀرپور شاهه، ۽ ٻيا به مشھور آهن. ’ڳاهن‘ جا ڪجهه مثال ملن ٿا:
آءُ ٻانھي، راڻيون ٻيون، مون نيڻين مَ ڀُل،
سندي ڪاڪ ڪنڌيءَ، آهي ڪامڻين هُل.
-
اُڀ سڀ ڪنھن اچو، اُڀ نه اچو ڪوءِ،
مئي به مٿي ٿئو، سورهيه سر سندوءِ.
-
جر نه کُٽي ڪنگرين، راوَ نه ڳنڍجن ويڻ،
گولي ويندي گجرين، ته به چوندا دودي ڀيڻ.


لفظ ڳاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو