ڳاها (ذات): اصل لفظ ڪاها آهي، جيڪو سنڌي صوتي روپ اختيار ڪري ’ڳاها‘ ٿيو. هي سنڌ جا اصلي سما آهن ۽ سندن واسطو ابڙن سان آهي. هنن جو حسبي ۽ نسبي سلسلو سنڌ ۽ ڪڇ جي سمن سان آهي. هن سلسلي موجب هنن جو شجرو هن طرح آهي: ڳاهو ولد انڙ، ڳاهو ولد هوٿي ولد انڙ جو اولاد آهن. سندن سلسلو انڙ بن سمون بن رائيڌڻ سان آهي. هڪ ٻئي حوالي موجب ڄام ڪاها بن ڄام لاکو بن ڳڙ راهو بن ڄام جوڻو بن ڄام هاپر بن ويرهه بن ساند بن پليءَ جو اولاد، پھرين ڪاها ۽ بعد ۾ ’ڳاها‘ سڏيا ويا.
تاريخ مان خبر پوي ٿي ته ڳاها، راهمن جي هڪڙي پاڙي جو نالو پڻ آهي. ڀين سين بن ڏهر کي ڏهه پٽ هئا، جن مان هڪڙي پٽ جو نالو ’ڳاهو‘ هو، ان جي اولاد کي پڻ ’ڳاها‘ چون ٿا. ڳاها، ڪراچي، حيدرآباد، سانگهڙ، ٿر، خيرپور ميرس ۽ ٺٽي ۾ رهن ٿا.