ڳانو ڀرت

ڳانو (ڀرت): پوتيءَ جي ڪناري يا چوليءَ جي دامن، ڳلي ۽ ٻانھن جي ڪناري واري ڀرت کي ڳانو چئبو آهي، جيڪو ريشي جي ڀرت جھڙو ٿئي ٿو، پر هي ڀرت ريشي کان ان ڪري مختلف آهي جو ريشي جي پٽي سنھي ۽ ڳاني جي پٽي ويڪري ٿئي ٿي. هنن ٻنھي ڀرتن ۾ ڪارن ڌاڳن جو پٽو وڇائي مٿان ٽاڪا هڻي بند ڪيو ويندو آهي. ريشي جي پٽي کي پيلي ڌاڳي جا ٽاڪا ۽ ڳاني جي پٽي کي ڪاري رنگ جا ٽاڪا هڻي بند ڪبو آهي. چولي ۾ ڳاني جو ڀرت تـُوئي جي مٿان لڳي. ڀرت جا هيٺ کان مٿي نالا ڳڻجن ته هيٺ ڇيڙي ۾ توئي ان جي مٿان ڳانو، ڳاني جي مٿان آنڪ، آنڪ مٿان ريشو، ريشي مٿان هرمچو، هرمچي مٿان وري ريشو ۽ آنڪ مٿان اڌڪوٽ ۽ آخر ۾ اڌڙي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو