ڳانو

ڳانو

ڳانو رسم

ڳانو (رسم): ڳانو مختلف رنگن جي ڌاڳن مان ٺھيل هار آهي، جيڪو مختلف ميلن يا ٻين تقريبن جي موقعي تي ڳچيءَ ۾ پائبو آهي. ڳانو ٻڌڻ شاديءَ جي رسمن مان به هڪ اهم رسم آهي. مينديءَ جي رسم کان پوءِ گهوٽ کي ڳانو ٻڌو ويندو آهي سُٽ يا پشم جي ڏوريءَ کي لاک وغيره جو ڳاڙھو رنگ ڏيئي، ان ۾ سرھاڻ موڙي ۽ لوھي ڇلڙا سوڻ طور ٻڌي ڳانو ٺاهيو ويندو آهي. ڪن جاين تي ڏوري سان گڏ ڳاڙھي سٽ جو ٽؤنر به ٻڌن. ڳانو گهوٽ کي ساڄي ٻانھن ۾ ٻڌو ويندو آهي، جيڪو گهڻو ڪري سالي ٻڌندي. ڳاني متعلق سنڌ جي مختلف علائقن جي مختلف ذاتين ۾ ڌار ڌار روايتون آهن.
ڪن هنڌن تي گلابي لاک جي سڳي ۾ گلابي اڳڙي ٻڌي، ان ۾ ستن اھڙين ڪنوارين ڇوڪرين جي پوتين يا چولن جون تندون وجهبيون آهن، جن جو اڃا مڱڻو نه ٿيو هجي. انھن سان گڏ ستن گهرن جي جنڊن مان کنيل ان جا ڪڻا ۽ ھڪ چانديءَ جو ڇلو پڻ ٻڌن. ڪٿي اھو ڳانو ڪنھن بزرگ يا راڄ جي ڪنھن وڏي کان ٻڌرائن، ڪٿي وري اڻھيار ٻڌي. ڳانو گهڻو ڪري گهوٽ جي ڀيڻ ٺاهي کڻي ايندي آهي ۽ گهوٽ کي ٻڌندي آهي. ڪجهه قبيلن ۾ ڳانو يادگيري طور سنڀالي رکيو ويندو آهي. ڳانو ٻڌڻ وقت ڳيچ به ڳايا ويندا آهن، ٿر ۾ ڳاني کي ’ڪنڪڻ‘ به سڏيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو