گگر گهاگهر

گگر گهاگهر

گگر گهاگهر

گگر/گهاگهر (لوڪ گيت): هي پاڻياري گيت جو پسمنظر رکندڙ راسوڙو آهي. مٽيءَ جي ننڍي دلي کي ٿر ۾ گگر سڏيو ويندو آهي. ٿر ۾ نوجوان نينگريون جڏھن پاڻي ڀرڻ جي لاءِ کوهه ڏانھن گڏجي روانيون ٿينديون آھن، تڏھن هي گيت ڳائينديون آھن. هي راسوڙو ڳائيندي هلندڙ پاڻيارين جي قدمن جو به ردم راسوڙي جي رنگ ۾ هوندو آهي. گيت جا ٻول:
گگر گهڙو کڻي مٿي تي، پاڻي ڀرڻ هلسان ري،
هيڪ جيڏين هلسان ري، هيڪ جيڏين رمسان ري.
(گهاگهر/گگر گهڙو مٿي تي کڻي پاڻي ڀرڻ هلنديون سين.
هڪ جيڏيون هلنديون سين، هڪ جيڏيون رمنديون سين.)
ورت منگائي، لوڏ ٻڌائي، هيڪ جيڏين لڏسان ري،
هيڪ جيڏين لڏسان ري، راسوڙي ريت رمسان ري
(وَرت، [مضبوط رسو جنھن سان کوهه مان پاڻي ڪڍيو ويندو آهي.] گهرائي، ان جي لوڏ ٻڌائي، هڪ جيڏيون گڏجي لڏنديون سين.
هڪ جيڏيون لڏنديون سين، راسوڙي جي ريت (گرٻي ناچ) رمنديون سين.)
ٻارنھن مھينا سين بيرو آيو، ٻھنا جَوڻَ هلسان ري،
آپين بيري نا جوڻ هلسان، گهوريا پاڻي پيسان ري.
(ٻارنھن مھينن کانپوءِ ڀاءُ واپس (ڳوٺ) آيو آهي، اي ڀيڻون پاڻ ڏسڻ هلنديون سين، ڀاءُ تان ’پاڻي گهوري‘ پيئنديون سين.)


هن صفحي کي شيئر ڪريو