گُڏين راند (راند): هيءَ ٻاراڻي راند آهي، جيڪا ننڍيون ڇوڪريون گڏجي کيڏنديون آھن. ڇوڪريون ڪپڙي تي اڳڙين مان گُڏيون ۽ گُڏا ٺاهين، پوءِ انهن کي ڪپڙا پارائي، پکين جي کنڀن جي وچئين اَڇي ڏانڊيءَ جا ٽُڪر ڪري، ٻانھن ۾ چوڙن جي بجاءِ وجهنديون آھن، مٿي ۾ ڪارن ڌاڳن جا وار ٺاهينديون آھن، مڻين جا ڪَنڊلا وجهنديون آھن، لوهه جي سنهين تندن ۾ مڻيا وجهي بوليون، وينڊا ۽ نٿون ٺاهي پارائينديون آھن. پاڻ ۾ گڏجي سڄو ڏينھن انهن سان راند ڪنديون آھن ۽ انهن جون پاڻ ۾ شاديون ڪرائينديون آھن، انهن جي رهڻ لاءِ مٽي يا ڪکن ڪانن مان ننڍڙا گهر ٺاهي ان ۾ گڏين کي ويھارينديون آھن.گُڏيون ٻارن لاءِ رڳو وندر جو وسيلو ئي نه آھن، پر انھن جي وسيلي ٻار سماجي ريتن رسمن کان عملي طرح واقف ٿين ٿيا، ايئن سندن تربيت به ٿئي ٿي. نينگرين کي گُڏين راند سندن آئندي جي ذميوارين لاءِ تيار ڪري ٿي. کين سئيءَ سڳي جي ڪم سيکارڻ لاءِ، گُڏين جي وڳن سبڻ جو چاهه ڏياريو وڃي ٿو ۽ ان طرح کين ڪپڙي جي ماپ ۽ ڪٽڻ، سبڻ ۽ ڀرڻ جي ننڍي هوندي کان ئي مشق ٿئي ٿي. گُڏين جي وهانءَ ڪرڻ لاءِ، هڪٻئي سان ملڻ جلڻ، ڏيتي ليتي ڪرڻ، طعام ۽ سوکڙين پاکڙين جي ڏي وٺ ڪرڻ سان، کين زماني جي اُٿيءَ ويٺيءَ جي عملي سکيا ملي ٿي.