گُندلو/گندلي: هن کي وچولي ۾ گُندڙو يا گُندي به سڏين. گُندي سائيز ۾ ڪجهه وڏو ۽ گُندڙو ننڍو ٿيندو آهي. مٽيءَ جو هڪ چار فوٽ کن ڊگهو گول ڪوٺو ٿيندو آهي، جيڪو اناج رکڻ جي ڪم ايندو. اَن کي گندلو يا گندلي چيو ويندو آهي، ان جي ڪري گندليءَ جي وڏي اهميت آهي، اهو ئي سبب آهي هن جو لوڪ گيتن ۾ به ذڪر ملي ٿو. هيءُ گندلو اڪثر ڪري سگهڙ عورتون چيڪي مٽي ۾ مضبوطيءَ لاءِ گهوڙن ۽ گڏھن جي لِڏ ملائي ٺاهينديون آھن. گندلو ڪجهه هيٺ ۽ مٿي سوڙهو ۽ وچ ۾ ويڪرو ٿيندو آهي. ان ڪڍڻ لاءِ هيٺئين حصي ۾ هڪ سوراخ ٺھيل هوندو آهي، جنھن کي ان ڪڍڻ کان پوءِ ڪپڙي وغيره سان بند ڪري ڇڏيندا آھن. گندليءَ جو استعمال ٿر ۾ گهڻو آهي، جڏھن ته بئراجي علائقن ۾ هاري ۽ پورهيت گهراڻن ۾ پڻ گندلو استعمال ٿئي ٿو.