گَجُو (ذات): سنڌ ۾ رھندڙ مسلمانن جي هڪ سماٽ ذات. ڪتاب ’گجو سوڍا، راڻا‘ موجب عمرڪوٽ جي راڻي گجي سنگهه سوڍي، ملتان جي غوث بھاءُ الدين ذڪريا جي هٿ تي دين اسلام قبول ڪيو، سندس اسلامي نالو ’مصلح الدين‘ رکيو ويو. سندس اولاد پاڻ کي گُجو راڻي جي نسبت سان ’گُجو‘ سڏايو. ھنن جا خاص پاڙا، بڻبير، رڻبير، خروٿ، جڳوٿ، گجڻ، جارپ، ٻاول، پيٿا، سومار، چاندا ۽ گھنيھ آھن. ھن ذات وارن جي اڪثريت ٿر واري پاسي آباد آهي.