گوڙي مندر

گوڙي مندر

گوڙي مندر

گوڙي مندر: هيءَ مندر ضلعي ٿرپارڪر ۾ ويراواهه کان 23 ڪلو ميٽر اتر- اولھه ۾ سمنڊ جي سطح کان فقط 80 فوٽ بلنديءَ تي موجود آهي. هي مندر سوڍن جي دور ۾ 1376ع ڌاري ٺھيو، جيڪي جين ڌرم جا پوڄاري هئا. جين ڌرم جا ٻھ وڏا فرقا هئا، پارڪر جا سوڍا جنھن فرقي جا هئا انهن جي وڏي ديوتا کي ’پارس ناٿ‘ يا ’گوڙيچو‘ چوندا هئا. ھن مندر ۾ اڳي ’پالي‘ زبان ۾ تعمير جو سال اڪريل هو، جيڪو هاڻي ڊهي ويو آهي. ڪن روايتن مطابق اهو تعمير جو سال 1359ع سنبت آهي. سڄي عمارت جي پکيڙ 960 چورس فوٽ آهي، جنھن مٿان 52 گنبذ ٺھيل آھن. ھن مندر جي هزار کن قدمن تي مٺي پاڻيءَ جو هڪ کوهه ٻڌل هو، جنھن مان تيرٿ واسي پاڻي ڀري ايندا هئا. اهو کوهه ڦٽل حالت ۾ ھن وقت موجود آهي. 1715ع ۾ مندر جي مرمت ٿي هئي، جنھن کان پوءِ وري مرمت سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان ڪرائي وئي. ننگر پارڪر ۾ سوڍن جي بغاوت وقت ڪرنل تروٽ 1859ع ۾ ھن مندر جو ڪجهه حصو بارود سان حملو ڪري تباهه ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته کيس شڪ هو ته سوڍا ھن مندر ۾ ويھي انگريزن خلاف سازشون ٿا ڪن.
گوڙي مندر جا اصل ٿنڀ سنگ مرمر جا ٺھيل آھن ، پوءِ واري مرمت جيڪا ميان يار محمد ڪلھوڙي جي حڪمرانيءَ واري ڏينھن ۾ (1715ع) ٿي، ان ۾ انھن ٿنڀن تي لسو چُن جو پلستر ڪيو ويو آهي. منڊپ جي بار-آڌر گنبذ جي اندرئين پاسي هر بار تي تصويري ڪھاڻي آهي، جيڪا آبي رنگن سان چٽي وئي آهي ۽ اڄ تائين محفوظ آهي. ان تصويري ڪھاڻيءَ ۾ راجستاني_ٿري لباس پھريل عورتون ۽ مرد ڏيکاريل آھن. ڪي گهوڙن سان جلوس جا منظر آھن، ته ڪي رقص ۽ موسيقيءَ جا منظر آھن. انهن سڀني ۾ مرڪزي ڪردار رکندڙ هستيءَ جو رنگ روپ ڪارو آهي. هيءُ ٻاويھون تيرٿنڪر نيمي ناٿ چيو وڃي ٿو، جيڪو ڪڇ جي علائقي ۾ ڄائو هو. نيمي ناٿ کي يوگ واري انداز ۾ پلٿي هڻي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي، جنھن کي عورتون ۽ مرد احترام سان ڀيٽا پيش ڪرڻ اچي رهيا آھن.
ھن مندر ۾ ٻيو اهم ڪم ’ڀونئرو‘ آهي. ڀونءِ معنيٰ زمين. ڀونئرو معنيٰ زمين ۾ اندر ڪمرو يا غفا. جيئن ته گوڙي مندر بلڪل وارياسي زمين ۾ ٺھيل آهي، ان ڪري هتي ٺھيل ڀونئرا هٿرادو تھخانن تي مشتمل آھن. ڪاجور پٿر جي وڏن بلاڪن کي گهڙي زمين ۾ هڪ ٻئي پٺيان ٽن ڪمرن تي ٻڌل هڪ تھه خانو ٺاهيو ويو آهي. ان جو منھن ڪافي سوڙهو آهي.


لفظ گوڙي مندرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو