گوپ ڪمل: گوپ ڪمل درياڻي 9 نومبر 1948ع تي ڀارت ۾ اتر پرديش جي ضلعي باگپت جي هڪ ننڍڙي شھر ميرٺ جي ڀرسان آسودي مل جي گهر ۾ جنم ورتو. ھن سول انجنيئر طور ميونسپالٽيءَ مان رٽائرڊ ڪيو آهي. هو سنڌي غزل جو اهم ۽ مڃيل شاعر آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آھن، جن ۾: ’زندگي ۽ چار ڏينھن‘ (ناول: 1973ع، ٻيو ڇاپو سنڌ ۾: 1981ع)، ’چورايل خوشيءَ جو سُک‘ (ڪھاڻيون: 1979ع)، ’هاءِ منھنجي نظر‘ (ڪارٽوني تنقيد: 1986ع)، ’سرحدن تي گُل‘ (ڪوتائون: 1988ع)، ’ننڊ ڦٽل‘ (ڪوتائون 1990ع)، ’واپسي‘ (ڪوتائون: 1999ع)، ’ڇانو ويڙهيل جسم‘ (غزل: 2009ع)، ’سج اڳيان ٻُڪ‘ (غزل: 2011ع)، ’پن ڇڄڻ جو آواز‘ (غزل: 2013)، ’نئين شروعات‘ (ڪوتائون: 2015ع)، ’شام ٿيڻ کان پھرين‘ (غزل: 2017ع) شامل آھن.
گوپ ڪمل کي غزلن جي مجموعي ’سج اڳيان ٻُڪ‘ تي ھندستان جو وڏي ۾ وڏو ساهتيھ اڪيڊمي ايوارڊ پڻ ملي چڪو آهي. پاڻ ھن وقت دبئيءَ ۾ رهائش پذير آهي.