گوپانگ (ذات): ھن ذات وارا سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ آباد آھن، ڊاڪٽر غلام حيدر ٻرڙي موجب گوپانگ، گورچاڻين جي هڪ شاخ آهي، جيڪي گوپانگ خان جو اولاد آھن. هڪ ٻي روايت مطابق گوپانگ، شنبو خان هوت جو اولاد آھن. هي ميرچاڪر خان جا وفادار ساٿي هئا، جيڪي دهليءَ تائين ساڻس گڏ هئا. سمن جي هڪ پاڙي جو نالو پڻ ’گوپانگ‘ آهي. چيو وڃي ٿو ته اصل لفظ ’گوڦانگ‘ آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ڳئون چارڻ وارا. هڪ ٻي روايت موجب، اصل لفظ ’گئوپال‘ يعني ڳئون پالڻ وارا جيڪو بعد ۾ بدلجي ’گوپانگ‘ ٿيو آهي. رندن ۽ جتوئين ۾ به ’گوپانگ‘ پاڙا آھن.