گولاڙو (ول): وسڪاري کان پوءِ ڪوهستان، ٿر توڙي وارياسين علائقن ۾ ٿيندڙ ولين ۾ ’گولاڙو‘ جي ول به شامل آهي. جيڪا وڻن تي چڙهندي آهي. خاص ڪري سنڌ جي ڪوهستان ۽ ٿر جو مشھور ڏٿ آهي. گولاڙي جي ول جا پن ساوا ٿيندا آهن. ٿر ۾ ڪچا پن پٽي مارو ماڻهو ڀاڄي طور کائيندا آهن. گولاڙي ۾ سھڻا هيڊا گل ٿيندا آهن. گل ڇڻڻ کان پوءِ ڦل پيدا ٿيندو آهي، جنھن کي گول چيو ويندو آهي، گول پھرين سائي رنگ جي هوندو آهي پر پچڻ کان پوءِ ڳاڙهي لال ٿي پوندي آهي جيڪا ڏسڻ ۾ گهڻي وڻندڙ ۽ گول کائڻ ۾ به مٺي ۽ گهڻو لذيذ هوندي آهي. ماڻهو هن کي شوق سان کائيندا آهن. گولون پٽي ٿڌيون ڪري کائڻ سان اڃا به وڌيڪ لذيذ ٿينديون آهن. تنھن ڪري گهڻو کاڌي ويندي آهي. شاهه لطيف، شيخ اياز ۽ ٻين شاعرن پنھنجي شاعريءَ ۾ گولاڙي جو ذڪر ڪيو آهي.
گولاڙا ۽ گگريون اوڇڻ اباڻن (شاهه)
گولاڙي جي ول چوپايو مال کائيندو آهي. هن جي کائڻ سان خاص ڪري ٻڪري کير وڌائي ٿي ۽ اٺ مَچي ٿوهو ڪڍي ٿو.