
گورک
گورک: کير ٿر جابلو سلسلي جي گورک چوٽي، دادو ضلعي جي جوهي تعلقي ۾ واقع آهي. هيءَ چوٽي، سنڌ- بلوچستان جي سرحد ٺاهي ٿي، اتي سروي آف پاڪستان جون ٻنهي صوبن جي حد جون برجون لڳل آھن. هي ڄڻ سنڌ بلوچستان جو گيٽ وي آهي. گورک چوٽي؛ ڪراچيءَ کان 450 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ۽ دادو جي اولھه ۾ 94 ڪلو ميٽرن تي موجود آهي. گورک سطح سمنڊ کان 5866 فوٽ اوچي هئڻ ڪري، هتان جي آبھوا سٺي آهي. علائقو ڪجهه قدر ساوڪ سان سٿيل آهي، جنھنڪري هيءَ چوٽي خوبصورت نظارو پيش ڪري ٿي. هتي جي موسم اونهاري ۾ وڻندڙ ۽ سياري ۾ ٿڌ گهڻي ٿئي ٿي. سنڌ گورنمينٽ، هن هل اسٽيشن جي ماپ 10000 ايڪڙ ڪئي آهي، جنھن ۾ گورک ٽڪري 4750 فوٽ بلندي تي، (هڪ وسيع پوٺي ۾) ڦھليل آهي. جنھن جا 1340 ايڪڙ سنڌ ۾ آهن ۽ 1060 ايڪڙ بلوچستان ۾ آھن. اهڙي طرح هي پوٺو، 2400 ايڪڙن تي مشتمل آهي.
اونهاري ۾ هن ٽڪريءَ جو گرمي پد 17 کان 30 سينٽي گريڊ جي وچ ۾ هوندو آهي. سياري ۾ اهو 20 سينٽي گريڊ کان 5 سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهي ٿو. سياري ۾ هتي سج وڌ کان وڌ 10 ڪلاڪ 50 منٽ ۽ اونهاري ۾ 13 ڪلاڪ 35 منٽ رهي ٿو. گورک چوٽيءَ تي ساليانو برسات 12.5 انچ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هوا ۾ جيتري تيزي ايندي، اوتري ٿڌ وڌندي، هوا جي بند ٿيڻ سان هت ٿڌ به گهٽجيو وڃي. گورک ڀرسان بارغ، ممٿل، متوٿل، جوزي ٿل، شڪلوئي چوٽيون به ٿڌاڻ ۽ سرد موسم ڪري مشھور آھن.
گورک چوٽيءَ تي بيھي ان جي اوڀر ۽ اوڀر-اتر نگاهه ڪبي ته ويجهو ئي هيٺان، وھندڙ ۽ ور وڪڙ کائيندڙ نئن گاج جو حسين منظر نظر ايندو. کير ٿر جي ھن ٿڌي چوٽيءَ تي ’گورک‘ نالو پوڻ جا مختلف سبب ٻڌايا وڃن ٿا. جنھن جي پويان ڪجهه ڏندڪٿائون، قصا، روايتون، طبعي معنائون ۽ مختلف ٻولين جا لفظ پڻ شامل آھن. جن مان هڪ ڏندڪٿا هتي سيني به سيني هلندي رهي ٿي ته گورک هڪ پکيءَ جو نالو آهي، جيڪو سدائين آسمان ۾ ئي اڏامندو رھندو آهي. زمين تي تمام گهٽ لھندو آهي. البت جڏھن چٽ جي گرمي پوندي آهي ته اهو هيٺ لھي ايندو آهي. ٻي روايت مشھور آهي ته، گورک هڪ ٻوٽي جو قسم آهي، جنھن لاءِ حڪيم ٻڌائين ٿا ته دل جي مرض لاءِ فائديمند آهي. جامع سنڌي لغات ۾ گورکو، هڪ ٻوٽي جو قسم ٻڌايو ويو آهي.
گورک ٽڪريءَ جو اولھندو پاسو، ڳاڙهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. بلوچڪي ۾ گوروَ (Gorav) معنيٰ ڳاڙهو آهي. ڪن ماڻھن جو خيال آهي ته ان جبل تي اهو نالو ان ڪري پئجي ويو آهي. جيئن گورکي ٻڪري وغيره. ڪن جو چوڻ آهي ته گورک لفظ، گورغ مان نڪتل آهي. جنھن جي معنيٰ آهي ’بوندن جو وسڪارو‘ ڇو جو هت ڪنھن زماني ۾ سدائين ڦُڙ ڦُڙ پئي وسندي هئي. ڪجهه مقامي ماڻهو، ھن ھنڌ کي گورک/ گرگ به چون ٿا. بلوچي/فارسي ٻولي ۾ گرگ لفظ جي معنيٰ بگهڙ آهي. چيو وڃي ٿو ته ڪنھن زماني ۾ هت بگهڙ (گرگ) جام رھندا هئا، ان ڪري ان چوٽيءَ جو نالو گورگ پئجي ويو. سروي آف پاڪستان جي نقشن ۾ به لفظ گورگ لکيل آهي. ايڇ. ٽي. لئمبرڪ به گورک ٽڪريءَ تي نالي پوڻ جو سبب طبعي بناوت ڄاڻايو آهي. بروهڪي ٻوليءَ ۾ گورک، هلڪي ڦڪي ۽ هلڪي ناسي گڏيل رنگ کي چيو ويندو آهي. هن ٽڪريءَ تي اهڙي رنگ جا پتا موجود آهن.
گورک جي چوڦير، لڳ ڀڳ ٻاويھه جابلو جهرڻا آهن، جن مان اڌ بلوچستان ۽ باقي اڌ سنڌ ۾ آھن. ھن مان ٽي وڏا چشما، گاجي بنجو، نياگر ۽ هينگڻ نڪرن ٿا. جيڪي گورک جي شروعاتي آباديءَ جي گهرج پوري ڪن ٿا. انھن مان گاجي بنجو، چشمي مان هڪ ڪلاڪ ۾ 1000 گيلن پاڻي نڪري ٿو. نياگر مان 260 گيلن ۽ هينگڻ مان هڪ ڪلاڪ ۾ 13500 گيلن پاڻي ڦٽي نڪري ٿو. گورک چوٽي تان، برسات جي موسم ۾ ڪيتريون ئي نئيون نئين گاج جو پيٽ ڀرن ٿيون. انھن مان مماڻي، ليٽڻ، شڪلوئي، خاشاڻي، ڊڀاڻي، تڪي وغيره آھن. ٽڪريءَ تي ڪيترائي پاڻي جا ذخيرا ۽ تلاءَ پڻ آھن. جن ۾ شڪلوئي، ڄمورو، گڏهه کوڙ، ڊڀي، گزمول، شٽگ، خاش، چڻگي وغيره آھن.